ڪنڌڪوٽ جا ڌاڙيل پوليس کان زور، ٻن شاگردن سميت وڌيڪ 3 ڄڻا اغوا، ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي + عرفان کوسو)ڪنڌڪوٽ جا ڌاڙيل پوليس کان زور  ٿي ويا، ٻن شاگردن سميت وڌيڪ ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا، مغوين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو. ڌاڙيل گذريل رات جو 11 وڳي راجا پمپ لڳ رھندڙ سومرا برادري جا ٻه نوجوان شاگرد 20 سالن جو عاشق سومرو ولد غلام رسول سومرو جيڪو يارھين درجي جو شاگرد آهي ۽ سندس سوٽ 15 سالن جو اشفاق سومرو ولد معشوق سومرو جيڪو ستين ڪلاس جو شاگرد آهي، ٻنهي کي نامعلوم ھٿياربند گھرن اڳيان روڊ تان اغوا ڪري ڪچي ۾ ويا، جڏھن ته انڊس ھاءِ وي تي ٽرڪ ڊرائيور نصير احمد بروھي کي به ڌاڙيل کڻي ڪچي طرف روانا ٿي ويا، ان کان ھڪ ڏينهن ۾ ٽي ڄڻا اغوا ٿيڻ سان عوام ۾ خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو، اغوا ٿيل ٽرڪ ڊرائيور نصير احمد بروھي مديجي واسي ٻڌايو وڃي ٿو، اغوا جي خبر تي وڏي تعداد ۾ وارث واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري انڊس ھاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي واري ھنڌ ٽينٽ سٽي ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جو اچڻ جو پروگرام ھجڻ ڪري پوليس فوري منٿ ميڙ ڪري روڊ کولرايو، ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ مزدا ڊرائيور عبدالغني ڏاھاڻي ۽ مڇي فارم جي چوڪيدار وليداد کوسو کي به اغوا ڪيو ويو، ٻن ڏينهن اندر ڏوھارين پنج ڄڻن کي انڊس ھاءِ وي کان اغوا ڪيو پر پوليس ستل آهي، پوليس خالي پيرا کڻي رستي ۾ گم ڪري واپس موٽي اچي رهي آهي، اغوا ٿيل شاگردن جي وارثن نور الله سومرو، غلام رسول سومرو، معشوق سومرو ۽ ٻين چيو ته اسان جا ٻار گھر کان نڪري روڊ تي ويٺا ھئا ته ڏوھاري اچي ھٿيارن جي زور تي کڻي ويا اسان بروقت پوليس کي اطلاع  ڪيو  پر پوليس ڪجهه نه ڪري سگھي آهي.هوڏانهن آل پارٽيز موومينٽ پاران پوليس کي آچر تائين مهلت ڏيندي مغوي واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ سومر تي ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.