شهدادڪوٽ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائٽين هٿان چاچو قتل، 3 زخمي

شھدادڪوٽ ( ثمر رفيق ڀٽي) شھدادڪوٽ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائٽين حملو ڪري چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو ،جڏهن ته فائرنگ ۾ مقتول جو ڀاءُ،ڀاڄائي ۽ نوجوان نياڻي مرڻينگ ٿي پيا،واقعي بعد حملي آور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ سبب پاڙي ۾ ڏھڪاء پکڙجي ويو، واقعو شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد پرائمري اسڪول فيض الاھي ڀرسان پيش آيو آهي،جتي چئن کان وڌيڪ ھٿياربندن عبدالرزاق مگسي جي گھر ۾ داخل ٿي ھٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ 50 ورھين جو گھر ڌڻي عبدالرزاق ڪاروزائي مگسي ٿڏي تي مارجي ويو،جڏهن ته فائرنگ ۾ مقتول جي نوجوان نياڻي رقيا مگسي، 55 ورھين جو ڀاءُ عبدالواحد مگسي ۽ ان جي گھرواري عائشا مگسي مرڻينگ ٿي پيا،ھوڏانھن اطلاع تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال کڻائي آندو جتي زخمين جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري ڊاڪٽرن طبي امداد ڏيئي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو،ھوڏانھن پوليس مقتول جو لاش ضروري ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪيو،ان حوالي سان اسپتال ۾ موجود مقتول جي پٽ سيف الله مگسي پوليس کي ٻڌايو ته سندس مرحوم چاچي ٽي ايم او ذوالفقار مگسي جي پٽن ذوھيب مگسي،ذين مگسي،زبير مگسي،سمندر مگسي ۽ ٻين اسان جي گھر تي حملو ڪري ڪلاشنڪوفن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو والد ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته چاچو،چاچي ۽ ڀيڻ مرڻينگ ٿي پيا،ھن وڌيڪ ٻڌايو ته حملي ڪندڙن جي والد مرحوم کي وڏن جي ملڪيت مان برابر جو حصو مليل ھو پوء به ھنن ڏاڍ ڪري ظلم برپاء ڪيو آهي، ھن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ھو ۽ نه وري پوليس ڪنهن ھڪ به جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي ھئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.