وزيراعظم پاران ڪمپنين کي ٻارن جي خوراڪ عطيو ڪرڻ جي اپيل

نيويارڪ(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻارن جي خوراڪ تيار ڪندڙ ادارن ۽ ڪمپنين  کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ عطيو ڪن، ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، عالمي اڳواڻن کي ٻوڏ جي تباهين ۽ پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کان آگاهه ڪري رهيو آهيان. پنهنجي پيغام ۾  هن چيو ته هن گذريل رات آن لائين اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، ٻوڏ سان سڄي پاڪستان ۾ تباهي ٿي آهي،

  • ڀارت مان مڇردانيون خريدڻ جي اجازت طلب

اسلام آباد ( م ڊ ) صحت واري وزارت حڪومت کان  ڀارت مان مڇرداڻيو خريدڻ جي اجازت طلب ڪري ورتي آهي.نيشنل مليريا ڪنٽرول پروگرام موجب پاڪستان جي ڇويهه ضلعن ۾ مليريا تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ ڄاڻايل ضلعن ۾ فوري طور 71 لک مڇرداڻين جي ضرورت آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل گلوبل فنڊ ادارو فوري طور تي ڀارت کان مڇرداڻيون خريد ڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ايڏي وڏي انگ ۾ مڇرداڻيون فوري طور تي ڀارت کان خريدي سگهجن ٿيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.