ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي ڪمشنر لاڙڪاڻو سميت ڊويزن جا سمورا ڊي سيز عدالت طلب

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ توڙي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ بابت داخل پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن سميت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن سميت لاڳاپيل آفيسرن کي 28 سيپٽمبر تي پيش ٿي لاڳاپيل ضلعن جي متاثرن لاءِ جاري ٿيل فنڊن ۽ ٿيل نقصان جا انگ اکر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سينيئر وڪيل سرفراز خان جتوئي، ايڊووڪيٽ رفيق احمد ابڙو، ايڊووڪيٽ عنايت الله موريو ۽ ٻين طرفان داخل پٽيشن جي گڏيل ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تونيو تي مشتمل ڊويزنل بئنچ آڏو ٿي جتي ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور علي لغاري، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور، ميونسپل ڪمشنر لاڙڪاڻو سيد امداد علي شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺاڻي، ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو سيد اطهر حسين شاهه، ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد محمد يوسف شيخ، ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ رٽائرڊ ليفٽنٽ عابد علي، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر، ايڊيشنل ڪمشنر دادو عبدالابواعليٰ ڀٽي سميت ٻيا پيش ٿيا. عدالت ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن توڙي ڊي ايڇ اوز پنهنجي پراگريس رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته رليف ڪئمپن ۾ ٻوڏ متاثرن جو تعداد وڌيڪ آهي تنهن ڪري راشن جي کوٽ آهي عدالت مڪمل طور تي ٽينٽ سٽي قائم نه ڪرڻ توڙي متاثرن کي مڪمل طور راشن نه ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته متاثرن جي لاءِ ٽينٽ سٽيز مڪمل طور ٺاهي اتي متاثرن کي پابندي سان راشن ڏنو وڃي. پٽيشنر رفيق احمد ابڙو ۽ ٻين عدالت کي ٻڌايو ته ايف بي پي بند سميت ٻين هنڌن تي پيل گهارا بند ناهن ٿيا جنهن ڪري وڌيڪ جاني ۽ ماني جو نقصان خدشو آهي، پٽيشرن عدالت کي ٻڌايو ته سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ سياسي وابستگي جي ڪري غلام مصطفيٰ مگسي نالي همراهه کي متاثرن لاءِ فنڊ جاري ڪيو ويو جيڪو غيرقانوني عمل آهي ان تي عدالت قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي ڇنڊپٽيندي چيو ته سياسي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت متاثرن جي واهر ڪري سگهي ٿو نه ئي سرڪاري فنڊ هو استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ کيس سرڪاري فنڊ استعمال ڪرڻ جا ڪي به اختيار ناهي تنهن ڪري انتظاميه اهڙي معاملن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.