شڪار کان روڪيندڙ ڳوٺاڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ تي ايس ايڇ او کي ڇنڊ

ڪراچي (رپورٽ: مريا اسماعيل)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس سعيد يوسف تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ خيرپور ضلعي جي سوراهه ٿاڻي جي حد ۾ خانگي زمين تي شڪار ڪرڻ واري معاملي  تي مقامي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرڻ بابت ٻڌڻي ڪئي، ان دوران عدالت خانگي زمين کي شڪار گاهه بڻائڻ تي سوراهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او منشاد ڪلوڙ مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ايس ايس پي خيرپور کي 14 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو، عدالت چيو ته پنهنجي پوسٽ بچائڻ لاءِ ڪمداري ڪري رهيا آهيو، هاڻي اهو نه چئجو ته پهريان ڪو ٻيو ايس ايڇ او هو ۽ هاڻي آئون آهيان، چيف جسٽس سنڌ ايس ايڇ او کي هدايت ڪئي ته ايف آءِ اي پڙهي ٻڌئي، ايس ايڇ او چيو ته مون وٺڻ چشمو نه آهي.عدالت چيو اوهان کي جيل موڪليو ويندو، عدالت پاران ايس ايڇ او کان پڇاڻو ڪيو ويو تھ پگهار سنڌ حڪومت ڏئي ٿي يا ڪو ٻيو؟ عدالت ايس ايڇ او کي وارننگ ڏيندي چيو ته نجي زمين تي شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏني ته توهان خلاف ڪارروائي ٿيندي. درخواستگذار محمد هاشم جي وڪيل چيو ته درخواستگذارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تي 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اسان پنهنجي زمين کي استعمال به نٿا ڪري سگهون.شڪار ڪرڻ کان روڪڻ تي پنجاب ۾ به ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.