پني عاقل ۾ برسات متاثرن جا مسئلا حل ڪريو، شهري اتحاد جي سڏ تي احتجاج

پنوعاقل ( رپورٽ: رستم انڍڙ ) پنوعاقل ۾ برسات ۽ سيلاب کان پوءِ پيدا ٿيلن مسئلن جي حل لاءِ شھري اتحاد پنوعاقل طرفان چيئرمين حافظ رفيق احمد سومرو جي اڳواڻي احتجاج ڪيو ويو، مظاھري ۾ ھيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاڪستان جو صوبائي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالطيف ميراڻي،جماعت اسلامي جي عبدالڪريم انڍڙ اديب بيخود بلوچ پريس ڪلب صدر عبد الله چاچڙ ايڊوڪيٽ گلشير مھر،حاجي شبير ڪورائي،ذبيح الله جتوئي جمشيدجاگيراڻي نثارھاليجوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب پنوعاقل تعلقو به شديد متاثر ٿيو آهي، ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، ٻوڏ ۽ برساتن بعد بيماريون پيدا ٿيون آهن جنھن سبب ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن، عوام پريشان آهي،ھنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڦھليل بيمارين جي روڪ لاءِ  جوڳا اپاءَ کڻي ميڊيڪل ڪئمپون ۽ وٽرنري ڪئمپون لڳرائجن ته جيئن بيماريون وڌيڪ نه ڦھلجن،ان سان گڏوگڏ ٽائون انتظاميه ۽ يوسيز ايڊمنسٽيٽر کان مطالبو ڪيون ٿا ته پنوعاقل جي علائقن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.