ٽنڊو آدم ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور

ٽنڊو آدم (ن ع آ ) ٽنڊو آدم جهول روڊ تي انتظاميا پاران قائم ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثر سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.60  ٽينٽس ۾ متاثرن کي رهايو ويو آھي. متاثرن موجب ترسايل متاثر ۽ سندن ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، کين صرف هڪ ويلو شام جو برياني مهيا ڪئي پئي وڃي  جڏهن ته ناشتو ۽ منجهند جي ماني نه ٿي ڏني وڃي.  ٽينٽ سٽي مان ورتل جائري مان پتو پيو آھي ته عورتن لاءِ نه ڪو واش روم آھي نه ئي متاثرن لاءِ پيئڻ توڙي ٻين ضرورتن لاءِ پاڻي موجود آھي، عورتون ۽ٻار هڪ ڪلوميٽر پري کان پاڻي ڀري اچن ٿا، مڇرن جي آزار سبب عورتن ۽ٻارن جو وڏو انگ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو آھي.هنن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي واهر ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.