مٽياري ضلعي مان هڪ مهيني اندر پاڻي نيڪال ڪرڻ جو حڪم

اڏيرو لعل وليج  (معشوق قمبراڻي وٽان) روينيو کاتي جي وزير مخدوم محبوب الزمان جي ھدايتن تي مٽياري، ھالا ۽ سعيدآباد  تعلقن  مان برسات جو بيٺل پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڊي سي مٽياري محمد عدنان رشيد تعلقي سطح تي ڪميٽيون قائم ڪري ڪميٽين کي هڪ مهيني اندر پاڻي نيڪال ڪرڻ  جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن ڪڻڪ جو فصل پوکي سگهجي ۽ متاثر ڳوٺن جي بحالي لاءِ قدم کڻي سگهجن. ڊي سي آفيس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر ڪميٽيءَ جو چيئرمين هوندو جڏهن ته ڊي ايس پي، آبپاشي کاتي جو اسسٽنٽ انجنيئر، حد جي ٿاڻي جو ايس ايڇ او، سپروائيزنگ ۽ بيٽ تپيدار ڪميٽين جا ميمبر هوندا.ڊي سي ڪميٽي چيئرمين کي ھڪ مهيني اندر پاڻي ڪڍڻ لاءِ گهربل مشينري ۽ ٻين وسيلن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو پابند ڪندي چيو ته  انتظاميا برسات جو بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي، ان حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، بنا دير پلان جوڙيو وڃي ته جيئن متاثرن جون تڪليفون گهٽائي سگهجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.