درياخان مري جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل، رهواسي پريشان، احتجاج

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري جي يونين ڪائونسل ڀانڀري جي ديھه کرڙو جا 20 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 5 کان 6 فٽ برسات جو پاڻي بيٺل رھواسي ٻٽي عذاب ۾ وٺجي ويا، ڳوٺ الله بخش مري ڳوٺ فضل محمد مري، ڳوٺ سيوو خان قذاق، ڳوٺ حاجي ابراھيم مري،  ڳوٺ گل محمد مري،  ڳوٺ بابو مبيجو سميت مختلف ڳوٺن جي رھواسين علي مراد مري، رضا محمد مري، محمد آچر مري، صحبت مري احتجاج بعد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته برسات کي تقريبا مھينو گذري ويو آھي مگر ھن مھل تائين برسات جو پاڻي نيڪال ناھي ڪرايو ويو آهي،  بااثرن پنھجا جھٽا ھڻي سانگي ( ٽيل ) شاخ ۾ زمينن جو پاڻي ڇڏي اسان کي ھٿ سان وٺي ٻوڙيو پيو وڃي فصل تباھ ٿي ويا آھن، ھنن چيو ته برسات جي پاڻي سبب گيسٽرو مليريا پيٽ ساھ خارش سميت مختلف بيماريون پکڙجي ويون آھن ۽ بيمارين ۾ عوام مري رھيو آھي پاڻي ۾ نانگ بلائن جي چڪجڻ ڪري ھڪ عورت سميت 2 ڄڻا چڪجي چڪا آھن مگر ھن مھل تائين صحت کاتي ڪابه ميڊيڪل ڪيمپ قائم ناھي ڪئي کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھيون مگر ڪنھن به چونڊيل نمائندي توڙي سرڪاري عملدارن سار ناھي لڌي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.