برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڪيترائي ماڻهن دربدر آهن: عدالت ۾ پٽيشن

لاڙڪاڻو( ڊ ر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو وارهه تعلقي مان ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، واهن ۽ شاخن کي غيرقانوني ڪٽ ڏئي، واهن ۽ شاخن  جي مضبوطيءَ لاءِ جوڳا قدم نه کڻڻ تي وارهه واسي طرفان داخل پٽيشن تي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري، چيف انجنيئر سکر بئراج رائيٽ بئنڪ، چيف انجنيئر اسڪارپ حيدرآباد، اي سي ايريگيشن سرڪل لاڙڪاڻو، ايڪسي اين وارهه برانچ، ايڪسي اين اسڪارپ نادرن دادو ڪئنال ڊويزن، ايس ڊي او اسڪارپ وارهه ۽ ايس ڊي او ايريگيشن سب ڊويزن واهه کي نوٽيس جاري ڪندي 28 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ وارهه شهر جي حمل محلا واسي عبدالحڪيم ٻگهيو پنهنجي وڪيل مظهر مڱڻ معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ پٽيشن داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته آبپاشي کاتي ۽ اسڪارپ کاتي طرفان جوڳا قدم نه کڻڻ سبب وارهه تعلقي جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آهي جنهن ڪري تعلقي جا ڪيترائي متاثر ماڻهو ٽينٽ سٽي ۽ رليف ڪئمپن سميت روڊن رستن تي دربدر ٿي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. پٽيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته آبپاشي کاتي جي آبپاشي ۽ اسڪارپ کاتي جي عملدارن جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب هن وقت تائين پنا شاخ، تونيا مائنر ۽ گهاڙ واهه جا گهارا ۽ ڪٽ بند ناهن ٿيا ۽ نه ئي برساتي پاڻي نيڪال ٿي سگهيو آهي عدالت آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري، چيف انجنيئر ايريگيشن ۽ ٻين کي 28 سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.