سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب زرعي معيشت مڪمل طور تباهه ٿي وئي

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ زرعي معيشيت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، آبادگارن جي لاءِ مالي مشڪلاتون وڌي ويون، خاص طور تي ننڍا آبادگار ۽ هاري ته  رستن تي اچي ويا آهن، ڦٽي، ڪيلو، کجي جا باغ، ڀاڄيون، مرچ ۽ ٻيجارا مڪمل طور تي ختم ٿي ويا، ڪمند کي به 30 کان 40 سيڪڙو نقصان پهتو آهي، ٻوڏ ۽ برسات وارو پاڻي اڃا تائين زمينن ۾ 3 کان 6 فٽن تائين بيٺل آهي، جنهن جي ڪري اهو خدشو پڻ ڏيکاريو پيو وڃي ته ڪڻڪ جي پوکي تمام گهڻي متاثر ٿيندي ۽ جيڪي فصل اڃا به ٿورا گهڻا بچي ويا آهن اهي به ختم ٿي ويندا ۽ فصلن جي ختم ٿيڻ وارو ڪاٿو سئو سيڪڙو ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ مجموعي طور تي 43 لک 62 هزار 657 ايڪڙن تي فصلن جي پوکي ٿيل هئي، جنهن مان 34 لک 10 هزار 743 ايڪڙن تي بيٺل فصل مڪمل طور تي ختم ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي زرعي معشيت کي 3 لک 64 هزار 297 پوائنٽ 03 ملين روپين جو نقصان ٿيو، سنڌ جي 20 ضلعن ۾ بيٺل ڦٽي جو فصل ختم ٿي ويو. ٻئي طرف ايوان زراعت سنڌ ۽ سنڌ آبادگار اتحاد جي اڳواڻن زاهد علي ڀرڳڙي، نواب زبير ٽالپر ۽ مير عبدالڪريم ٽالپر زراعت جي موجوده صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته هي صورتحال سنڌ جي زراعت جي لاءِ مڪمل انڌاري واري آهي، ڪمند پاڻي ۾ ٻڏل آهن، پاڻي لهڻ جو نالو نٿو وٺي، جيڪڏهن ڪمند ۾ اهو پاڻي مسلسل بيٺو رهيو ته ڪمند پاڻ هڻي بيهي رهندو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمند به سڙي ويندو، جيڪو ڪمند بچندو ان جو به وزن گهٽجي ويندو، نئين پوکيل ڪمند جي ٻي بانٺ نه ٿي سگهندي، جنهن جي ڪري آبادگارن کي وري لکين روپيا خرچ ڪري نئون ڪمند پوکڻو پوندو. هنن مطالبو ڪيو ته شگر ملون 15 آڪٽوبر کان هلايون وڃن ۽ ڪمند جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ 500 سئو روپيا مقرر ڪيو وڃي تڏهن ئي ڪو ڪمند جي آبادگارن کي رليف ملي سگهي ٿو، هن وقت ڪمند کي به 30 کان 40 سيڪڙو نقصان ٿي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.