کهڙا ۾ چيلهه جيڏي بيٺل برساتي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي

کهڙا (ن ع آ) کهڙا ۾ چيلهه جيڏي بيٺل برساتي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي. ڪيترائي گهر پٽ. لڏ پلاڻ. غريب آباد. ڀٽائي ڪالوني. فقير محله. پريس ڪلب. ٿاڻو سرڪاري اسپتال پاڻي ۾ ٻڏل. ماڻھون دربدر. کهڙا شھر ۾ ھڪ مهيني کان وٺي بيٺل برساتي ۽ سم نالي جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي آھي اڌ شھر ۾ چيلهه جيڏو پاڻي بيٺل آھي گمبٽ/  کهڙا لنڪ روڊ. کهڙا باء پاس روڊ. ڊرٻ ميهرشاه روڊ تي چيلهه جيڏو پاڻي ھجڻ سبب شھرن جا هڪ ٻئي سان رابطا ڪٽجي ويا آھن کهڙا جي غريب آباد ڪالوني. ڀٽائي آباد ڪالوني. المدينه ڪالوني. فقير محله ڪالوني ۽ ٻين محلن ۾ گهرن ۾ چيلهه جيڏو پاڻي بيهجي ويو آھي جنهن سبب ڪيترائي گهر ڪري پٽ ٿي ويا آھن مذڪوره ڪالوني واسين پاران لڏ پلاڻ شروع ڪري ڇڏي آھي سوين خاندان دربدر ٿي دربدري واري زندگي گذارڻ لڳا آھن مذڪوره ڪالوني واسين شھرين جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آھي جيڪي بي يارو مددگار بڻيل آھن جڏھن ته پريس ڪلب. ٿاڻي. سرڪاري اسپتال. ڪاليج. هاء اسڪول. مين بس اسٽاپ. کهڙا گمبٽ لنڪ روڊ. سبزي مارڪيٽ روڊ. درگاه ميان چنيهه رستو. موسن شاه روڊ. سومرا محله رستو. موسن شاه ڪالوني مڪمل طور تي پاڻي هيٺ آھن جڏھن ته ايم پي اي نعيم احمد خان کرل جي هدايت تي شھر جي مختلف هنڌن تي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ جهٽا پڻ لڳايا ويا آھن جڏھن ته شھرين مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته شھر مان جلد پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.