ڪنڊيارو ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، جسقم، ايس ٽي پي جو احتجاج

ڪنڊيارو ( ن ع آ ) ڪنڊيارو  ۾ ٻوڏ توڙي برسات متاثرين جي سرڪاري طور واهر نه ٿيڻ خلاف جسقم ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن هارون ڪلهوڙو ، امداد ڪليري، ذوالفقار ملاح ۽  سلطان گھانگھرو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾  ڇهين ڏينهن به اسٽار چوڪ آڏو احتجاجي مظاهري بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي،  اڳواڻن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ڪنڊيارو غريب متاثرين جي لاءِ آيل ڪجهه سامان من پسند ۽ ڪافي سامان ناني ويڙھو ڪري کائي کپائي ڇڏيو آهي،  سياسي ۽ سرڪاري ڪامورن پنهجا ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب متاثرين جي هن وقت تائين ڪابه مدد ناهي ٿي سگھي، سيشن جج نوشهرو، اي سي ۽ مختيار ڪار ڪرپشن جو نوٽيس وٺي متاثرن جي مدد ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.