ڪي اين شاهه ۾ انتظاميا خلاف ڌرڻو، شهري طرفان پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽ:آزاد بخاري)خيرپورناٿن شاهه  ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي وفاق، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا خلاف مير حسن چونڪ تي شهرين ڳوٺاڻن شهري اتحاد چئرمين حافظ محمد امين جمالي ، حبيب الله شيخ نويد احمد شيخ ، علي نواز جمالي ، عبدالعز جمالي ، عبدالعزيز گاڏهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي حافظ محمد امين جمالي احتجاجن پاڻ کي باه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس شهرين ماچيس ۽ پيٽرول کسي ورتو جنهن بعد هو شهر جي حالت تي اوڇگارون ڏئي روئيندو رهيو ان موقعي تي مٿين اڳواڻن خطاب ڪندي حڪمرانن ۽ ڊي سي دادو خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نااهل حڪمران دادو ضلعي جي انتظاميا 22 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين ڪي به قدم ناهن کنيا نه ئي بچاءُ بند ، سپريو بند ايم اين وي ڊرين ۽ رائيس ڪئنال کي لڳل گهارا بند ناهن ڪرايا ويا جيڪا ڊي سي دادو جي وڏي نااهلي آهي هنن چيو ته چونڊيل نمائندن اسان جي شهر کان پهرئين ئي لاتعلقي جو اظهار ڪري ڀڄي ويا هيا جيڪي هن وقت تائين ظاهر به ناهن سمجه ۾ نٿو اچي انهي کي شهر واسين سان ايڏي بيزاري ڇو آهن هتي هر روز ماڻهو اڃ بک بيمارين ۾ مري رهيا آهن حڪمران ضلعي انتظاميا ڪٿي رليف جو ڪم پئي ڪري صرف من پسند ماڻهن کي راشن پاڻي ملي ٿو باقي بي پهچ ماڻهو هر روز اذيت ۾ ڏينهن گذاري رهيا آهن بجلي گئس موبائيل نيٽ ورڪ بند هجڻ جي ڪري عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي ڏينهون ڏينهن ماڻهو مليريا ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن هتي مڇر مار اسپري نٿو ڪرايو وڃي هنن دانهيو ته اسان جي احتجاجن جو ڪير به نوٽرس وٺڻ لاء تيار ناهي ڪنهن در دانهن ڏيون اسين جسٽس آرمي چيف کان پر زور مطالبو ٿا ڪريون خدارا نوٽيس وٺي خيرپورناٿن شاه شهر مان پاڻي نيڪال ڪرائي بندن کي لڳل گهارا فوري بند ڪرايا وڃن عوام کي تڪليفن مان نجات ڏياري وڃي ، احتجاج دوران شهري اتحاد جو چيئرمين حافظ محمد امين جمالي بيهوش ٿي ويو جنهن کي شهرين پرائيوٽ اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽر علاج ڪري هوش ۾ آندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.