گجي لڳ درگاهه ٻانگو شاهه جي قبرسات مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو

گجو(ن ع آ) گجي لڳ سلطان آباد اسٽاپ ويجھو مشھور درگاھ ٻانگو شاھ ۽ درگاھ ڀرسان ڪيترن ئي برادرين جي قبرستان ۾ تازو پيل برساتن  بعد 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيھي وڃڻ سبب درگاھ توڙي قبرستان ۾ موجود وڏي انگ ۾ قبرون مسمار ٿي ويون آھن،،حڪومتي بي ڌياني سبب ڪيترن سالن کان لٽيل سم نالو ٻيھر نه ٺھڻ ڪري برساتن جو پاڻي درگاھ توڙي قبرستان ۾ بيھي ويو آهي جنهن ڪري احمد آباد ‘_ڳوٺ پير علي بخش شاھ ‘ ڳوٺ ابوبڪر جوکيو ‘ڳوٺ ٽنڊو يوسف ۾ آباد ڪيترين ئي قومن جن ۾ جوکيا ‘ٿھيم ‘ پير، ملاح، پليجا ‘ھالاڻي ۽ ٻين قومن جي قبرستان ۾ سون جي تعداد ۾ قبرون برساتي پاڻي بيھڻ سبب مسمار ٿي ويون آهن ،جڏھن ته قبرستان ۾ لاڳيتو پاڻي بيٺل ھئڻ ڪري درگاھ تي حاضري توڙي فوت ٿيل ماڻھن کي دفنائڻ لاءِ ڳوٺاڻا سخت پريشاني ۽ تڪليف کي منهن ڏئي رھيا آهن ، ان سلسلي ۾ صحافين سان دانھيندي درگاھ ٻانگو شاھ جي متولي پير گلزار شاھ پير اشرف شاھ ‘ زمان شاھ ‘ امير ٿھيم ‘دين محمد سالار ‘ نور حسن پليجو ‘ علي قطب ‘پير عيسا ‘ غلام دستگير ۽ مختلف ڳوٺن جي رھواسين  جو چوڻ ھو ته انتظاميا طرفان تازين برساتن دوران گڏ ٿيل قبرستان مان پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ڪري قبرستان کي وڏو نقصان پھتو آهي ۽ وڏي انگ ۾ قبرون مسمار ٿي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.