سنڌ جي حالت سبب وڏي وزير کي استعفيٰ ڏيڻ گهرجي: زين شاهه

دادو (ڊ ر) دادو ۾ ايس يو پي پارٽي جي سربراھ زين شاھ دادو پريس ڪلب پهچي دادو جي قلم ڌڻين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي حالت سبب وڏي وزير کي استعفي ڏيڻ گهرجي فوري طور سنڌ حڪومت ختم ڪري، صرف پنهنجا بنگلا،فصل،گهر ۽ فارم بچائڻ خاطر سڄي سنڌ ٻوڙائي وئي آهي،اڄ دادو پريس ڪلب اچڻ جو مقصد صرف اهيو آهي ته سنڌ جي عوام جرڳاتا پيدا ڪيو ۽ سندن کي ٻڌايو ته ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياستدان جي ڳٽ جوڙ ڪري اربين روپين جي مال مان لکين روپين جو مال ورهايو ويو آهي،ڪرپٽ ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن تي دٻاء وجهي رليف جو ڪم ڪرائجي ته جيئن لکين سنڌ واسين جي داد رسي ٿي سگهي، هي تباھي درياء جي نه پر برسات جي آهي  درياء 6 لک پاڻي هيو 9 کان11 لک پاڻي گذر ٿي وڃي ها،پر 2 مهينن کان پيل سبب جيڪا تباھي آهي ان جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي،2 ڏينهن جي تيز برسات سبب سنڌ ۾ لکين ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿيا ۽ لکين گهر رهڻ جهڙا نه رهيا آهن،دادو ضلعي ۾ ميهڙ کان منڇر ڍنڍ تائين رڳو پاڻي آهي،سپريو بند،ايم اين وي ڊرين ۾ ٻوڏ جي پاڻي کي روڪي منڇر تي دٻاء وڌو ويو،ڊرين سسٽم جي نالي تي11سالن دوران اربين روپيا صرف ڪاغذ ۾ خرچ ڏيکاريا ويا آهن،پر زميني حقيقت ڪجھ نه آهي انهن کي نه ويڪرو ڪيو ويو نه وري هيٺ ڪيو ويو،2010 دوران به ايم اين وي ڊرين سبب هت تباهي ٿي ۽ سنڌ جا اربين روپيا ڪامورا ۽ سياسي ماڻهن هڙپ ڪري ويا،هن رابطا مهم جو مقصد اهيو آهي ته پنهنجا حق ڇڪي ۽ گهيراءُ ڪري وٺون پنو نه،سنڌ ۾ ايريگيشن،پبلڪ هيلٿ،لوڪل گورنمينٽ جا انجنيئر،چيف انجنيئر،روينيو جي ڪرپٽ ڊي سيز جي ڪرپشن سبب سنڌ صوبي ۾ پاڻي جا قدرتي رستا،ڍوڙا،ڪچي جي زمين تي قبضا آهن جنهن تي سپريم ڪورٽ جو 11سال اڳ فيصلو به آيل آهي پر قبضا اڃا اهي قبضا موجود آهن،بي امان ڪامورا جيڪي توهان ۽ اسان جا عزيز به هوندا پر انهن سان نفرت ڪيو جيڪي سنڌ جا دشمن آهن جن سنڌ ٻوڙائي آهي زرداري مافيا جي چوڻ تي،اسان عوامي احتساب جي حمايت ڪيو ٿا،ملڪ ۾ احتساب جا نعرا 20 سالن کان لڳن پيا،اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف،نواز شريف،عمران خان نعرا هنيا پر عوامي احتساب نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.