سکر ۾برسات متاثرن کي امدادي سامان نه مليو، نعريبازي، احتجاج

سکر ( رپورٽر  ) سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن سان تعلق رکند سکر جي ليبر ڪالوني ڀرسان خيمن ۾ رهندڙ ٻوڏ ۽ برسات  متاثرين پاران طبي  سهولتون ۽ امدادي سامان نه ملڻ خلاف سکر  ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف نعري بازي ڪندي لاڳاپيل اختيارن کان امدادي سامان پاڪ فوج ۽ رينجرز هٿان ورهائڻ جي گهر ڪئي آھي ان موقعي تي بلوچستان جي جهٽ پٽ (نصيرآباد )واري علائقي جي رهواسي غلام رسول ملڪ، جيڪب آباد جي ٺل تعلقي جي رهواسي اقبال پهوڙ،خادم حسين، لياقت ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان سکر جي ليبر ڪالوني ڀر سان خيما سٽي ۾ رهون پيا مختيارڪار ۽ سندس عملو من پسند ۽ واٺن کي سامان ڏين پيا اسان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي مختيارڪار امدادي سامان گودام ۾ رکي ڇڏيو آھي، مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو ڏنو پيو وڃي گزريل رات چانور ڏئي ويا جيڪي کائڻ بعد پيٽ خراب ٿي ويو آھي ڪيترائي متاثر گيسٽرو۔مليريا ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن ان باوجود انتظاميا طبي سهولتون فراهم نه ٿي ڪري، مظاهرين لاڳاپيل اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته مختيارڪار نئون تعلقو سکر کي هٽائي امدادي سامان پاڪ آرمي ۽ رينجرز هٿان ورهايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.