شھدادڪوٽ ۾ روھڙي واسي نوجوان سم نالي ۾ ٻڏي فوت

شھدادڪوٽ ( ثمر رفيق ڀٽي وٽان) شھدادڪوٽ سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيلرا ڀرسان گذرندڙ سم نالي ۾ 20 ورھين جو پرويز گڏاڻي ٻڏي فوت ٿي ويو,ڳوٺاڻن موجب فوتي نوجوان روھڙي جو رھواسي ھو,جيڪو سلائي مشينن جو ڪاريگر ھو ۽ ھتي روزگار واسطي رھندو ھو,ڪالهھ شام جو ڳوٺ ڀرسان گذرندڙ سم نالي وٽ ڪپڙا ڌوئي رھيو ھو ته پير ترڪڻ سبب اونھي پاڻي ۾ ھليو ويو، جنهن ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، جنھن جي لاش کي وڏي ڳولا بعد ھٿ ڪيو ويو۽ اھڙو اطلاع سندس وارثن کي ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.