ڪراچي جي رليف ڪئمپن ۾ متاثرن کي سهولتون نه مليون، نينگري فوت، ڌرڻو

گلشن اقبال/ ملير (رپورٽ: شفقت نوناري+ جميل چانڊيو) ڪراچي پھتل برسات متاثرن جي ڪراچي انتظاميا طرفان واھر ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي متاثرن جي لاءِ علاج جون سھولتون پڻ اڻلڀ ٿي ويون آھن جنھن سبب رليف ڪئمپن ۾ رھندڙ برسات متاثر ماڻھو بي يارو مددگار بڻجي ويا آھن ڀٽائي آباد جي اسڪول ۾ قائم ٿيل رليف ڪئمپ ۾ قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي رھواسي نور احمد چانڊيو جي ٻن مھينن جي معصوم نينگري صغري’ جي اچانڪ طبيعت خراب ٿي وئي رليف ڪئمپ ۾ سھولت نـ ھجڻ سبب بيمار معصوم نينگري کي علاج لاءِ سول اسپتال ڏانھن نيو ويو سول اسپتال جي عملي وري نينگري کي جناح اسپتال ڏانھن موڪلڻ جو مشورو ڏنو ويو جنھن بعد وارث گلن جھڙي معصوم  نينگري کي علاج ڪرائڻ لاءِ جناح اسپتال کڻي ويا جتي پڻ سول اسپتال جيان جناح اسپتال جي بي رحم نااھل عملي طرفان وري ٻارڙي کي سول اسپتال ڏانھن موڪلڻ جو چيو ويو آخرڪار بيمار ٻارڙي صحت کاتي جي عملدارن جي انتھا درجي جي نااھليءَ جي ڪري فوت ٿي وئي جنھن بعد فوت ٿي ويل ٻارڙي جي وارثن ٻين متاثرن ۽ سياسي سماجي تنظيمن طرفان سول اسپتال ۽ جناح اسپتال جي عملي خلاف ڀٽائي آباد جي مين روڊ تي پنج ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ان موقعي تي فوت ٿي ويل نينگري جي والد نور احمد چانڊيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ رليف ڪئمپن اندر صحت جون ڪي بـ سھولتون ناھن ڏنيون ويون جڏھن تـ بيمار ٿيل نينگري جو علاج ڪرائڻ لاء سول اسپتال کڻي ويس تـ انھن جناح اسپتال موڪليو جناح اسپتال کڻي ويس تـ انھن وري سول اسپتال کڻي وڃڻ جو چيو ھنن چيو تـ ايترو وڏو ظلم آھي اسان مسڪين متاثرن سان جو اسان جو علاج بـ ڪراچي ۾ نٿو ڪيو وڃي ھي اسپتالون شفا گھر آھن يا ڪوس گھر ھن چيو تـ ان معاملي جو سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ صحت کاتي جي صوبائي وزير عذرا پيچوھو سول اسپتال ۽ جناح اسپتال جي نااھل عملي خلاف ڪاروائي ڪري منھنجي فوت ٿي ويل نينگري جو انھن جي مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، پنجن ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي بعد ڊي ايڇ او مليرمقبول ميمڻ اسسٽنٽ ڪمشنر مير محمد ڳاڙھو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري رليف ڪئمپ ۾ صحت جون سھولتون ڏيڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.