سنڌ جا وارث کليل آسمان هيٺ روڊن تي ويٺل آهن: سنڌياڻي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر)سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، عذرا رند، نصرت خاصخيلي سيمه آزاد، ناھيد جوڳي زاھده شيخ ۽ ٻين چيو ته حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ نااهلي جي ڪري شاھوڪار سنڌ جا حقيقي وارث سنڌي لکين ڀائر، ڀينرون، بزرگ، مائرون ۽ ٻار سخت گرمي، آس ۾ کليل آسمان هيٺان روڊن جي ڀرسان ويٺا آهن مڇر پٽين پيا معصوم ٻارڙن جي رڙيون پيا ڪن، عورتون، ٻار بکيا ويٺا آهن ۽ جيڪي پنھنجا کربين رپيا کائي ويا آهن حڪمران لاتعلق آهن اھي انتظار ۾ ويٺا آهن ته ھي سنڌي ٻڏن ان ٻوڏ جي تباھي مان اھي پيسا گڏ ڪري کائڻ چاھين ٿا. اڳواڻن چيو ته ڪرپٽ نااهل حڪمرانن کي سنڌ جو تڪليفون ڇو نٿيون نظر اچن، برساتن، سم نالين جي گھارن ۽ ھٿرادو ھنيل ڪٽن جي ڪري سڄي سنڌ تباھه ۽ برباد ٿي وئي آهي امير سنڌ جا ماڻهو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن نوي سيڪڙو سنڌ جو نقصان ٿيو آھي، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري زرعي معيشت کي اربين روپين جو نقصان ٿيو آھي، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت نقصان جي ازالي لاءِ ڪنھن به پيڪيج جو اعلان ناھي ڪيو. اڳواڻن چيو ته سنڌ جو عوام پاڙيسري ملڪ مان ناھي آيو اھي ووٽ ڏئي ايوانن تائين پھچائين ٿا. ماچيس کان وٺي ھر شئي تي ٽئڪس ڏين ٿا پر بدلي ۾ انھن کي زندگي جي مشڪل ترين دور ۾ حڪومت 2 وقت جي ماني به نه ڏئي رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.