جوهي جي ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ٿي، انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج

جوهي (ن ع آ) جوهي ۾ يوسي ڪمال خان جي ٻوڏ متاثرن ڳوٺ پير بخش سولنگي جي ٻوڏ متاثرين کي هڪ مهيني کان خيما راشن دوائن سميت گهربل سهولتون نه ملڻ تي سنڌ حڪومت ڊزاسٽر مئنيج مئنٽ ڊي سي دادو چونڊيل نمائندن خلاف ڪوڙو خان سولنگي، عبدالغفار سولنگي، آصف سولنگي، اقبال سولنگي، محمد عثمان سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقع تي ٻوڏ متاثرين ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته يوسي جوهي جي ڪمال خان جي ايم اين وي ڊرين کي هٿ سان ڳوٺ ڇپرخان جمالي کان ڪٽ ڏياراء يوسي ڪمال خان جي سوين ڳوٺن کي هٿرادو ٻوڏ ڏياراء تاريخي تباهي ڪري ڇڏي آھي ڪروڙين رپين جو تيار ٿيل فصل لڙھي ويو سوين ڳوٺاڻن جو اوچتو ڪٽ سبب چوپايو مال لڙھي ويو لکين رپين جو سامان کاڌي جون گهرن اندر پيل  سامان  لڙھي ويو جڏنهن ته  تباه ٿيل ڳوٺن ۾ هڪ گهر به ناهي بچيو  سوين  ڪئين ڪلوميٽرن تائين پاڻي ئي پاڻي بيٺل آ هنن چيو ته ٻوڏ کي هڪ مهيني کان مٿي گذري ويو آھي حڪومتي ڌر جو ڪوب چونڊيل نمائندو هن مصيبت جي گهڙي ۾ لڙي به ناهي آيو نئي خيما  کاڌي لاءِ راشن ڏنو آھي هنن چيو ته يوسي ڪمال خان ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي نه هئڻ سبب مجبوري ۾ متاثرين ڳوٺاڻا ٻوڏ جو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو الٽي مليريا چمڙي جي بيمارين  ۾ مبتلا آھن ڪافي ماڻھون علاج جون سهولتون نه هئڻ ڪري موت جي ورچڙھي ويا آھن هنن چيو ته سوين معصوم ٻار نياڻيون عورتون ٻڍا ٻار نوجوان مڇرن جي آزار مليريا ۾ وٺجي ويا آھن  هنن چيو ته ٻوڏ جي زميوارن کي شرم اچڻ گهرجي جيڪي اصل متاثرين جي مدد ڪرڻ بجاء جيالن واٺن کي راشن خيمه ۽ ٻيو سامان ڏئي اصل متاثرين کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي هزارين يوسي ڪمال خان جا متاثرين بي يارو مددگار نٽھڻ اس تي ويٺا آھيون هنن چيو ته ٻوڏ سبب ڳوٺ اندر هڪ وڻ بچو آھي ان قدرتي پوکيل وڻ جي ڇانو ۾ سمورا ڳوٺاڻا ويهي رهن ٿا باقي حڪمران ڌر طرفان هڪ به ٽئنٽ داڻو کائڻ لاءِ ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.