سکر مان ضلعي انتظاميا مينهن جا واڙا ٻاهر منتقل نه ڪيا، شهري پريشان

سکر ( رپورٽ: آزاد مهر ) سکر انتظاميه جي وڏين دعوائن  باوجود هن وقت تائين مينهن جا واڙا شهر کان ٻاهر منتقل نه ٿي سگهيا آهن، ان ڏس ۾ سکر جي مختلف علائقن ڀوسا لائين،قريشي ڳوٺ، پراڻو سکر، مائڪرو ڪالوني، نيوپنڊ سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ قائم مينهن جا واڙا هن وقت تائين شهر کان ٻاهر منتقل نه ٿي سگهيا آهن ۽ مينهن جي مالڪن پاران مينهن کي سنڌو دريا ۾ تڙ لاءِ روز ڇڏيو پيو وڃي جنهن سبب مينهن جي روڊن تي گهمڻ سان شهرين سميت ننڍي ٻارن کي پڻ تڪليف ٿي رهي آهي جنهن عمل خلاف شهرين افسوس جو اظهار ڪندي انتظاميه کان جلد ئي مينهن جا واڙا شهر کان ٻاهر منتقل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.