نئون ڪوٽ لڳ 11 ھزار تار ٽٽڻ سبب ٻوڏ متاثر نوجوان سڙي فوت، حيسڪو خلاف احتجاج

نئون ڪوٽ (ن ع آ) نئون ڪوٽ جي يوسي ڀٽارو لڳ ڳوٺ حاجي حسن دل وٽ قائم ٽينٽ سٽي تي حيسڪو  جي نااھلي سبب 11 ھزار وولٽيج جي تار ٽٽڻ سبب ٽينٽ  سٽي ۾ ويٺل 30 سالن جو پرتاب ڪولھي تار ۾ وچڙڻ سبب سڙي فوت ٿي ويو. اطلاع  باوجود حيسڪو عملو نـ پھتو.هوڏانهن متاثرن حيسڪو انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪلوئي بدين روڊ تي ڌرڻو هنيو.احتجاج ڪندڙن پرتاب ڪولھي  جي موت جو ذميوار حيسڪو سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي عملي کي قرار ڏيندي گهر ڪئي ته حيسڪو عملي مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.