شاھوڪار ڌرتي ڌڻين جو ڪو والي وارث نه آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ٺٽو ڀرسان ڳوٺ جھرڪ جي رھواسي محمد جمن بڪيرو جي گھر جا اٺ ڀاتي مليريا، گيسٽرو ۽ مختلف بيمارين وگھي فوت ٿي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي تہ گيس ڪوئلو، تيل سميت معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ شديد تڪليف ۽ سورن ۾ آهي سنڌي ماڻهن بيوس ۽ لاچار بڻيل آهن شاھوڪار ڌرتي جي ڌڻين جو ڪو والي وارث نہ آهي مسڪين ماروئڙن جي ووٽ تي حڪمران بڻجي ويل نااھل، جاهل،ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمران اجلاس ۽ فوٽو سيشن ۾ مصروف آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ سنڌ حڪومت عوام کان لاتعلق بنجي وئي آهي، ناجائز منافعي خور مافيا ناجائز فائدو وٺي ھر شئي جا اگھ آسمان تي پھچائي ڇڏيا آھن ڪنھن بہ شئي تي ڪنٽرول ناھي ۽ بي پناھ مھانگائي وڌي وڃي ٿي۔ مھانگائي عروج تي آھي، جنھن ڪري مزدور پورھيت ۽ ھاري غربت ۽ بدحالي جو شڪار آھي۔ سنڌ حڪومت عوام کي بک بدحالي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ ڏنو آهي ماڻهو ھڪ وقت جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.