جوهي ويجهو چوري معاملي تان جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

جوهي (ن ع آ)ڪاڇي جي ڳوٺ بازمال کوسو ۾ چوري جي معاملي تان کوسه برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب 2 سڳا ڀائر منظور ۽ اڪرم کوسو زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي تعلقه اسپتال جوهي آندو  ويو. ان سلسلي ۾ چيو پيو وڃي ته ڌُرين وچ ۾ گهڻي عرصي کان چوري جي معاملي تي تڪرار هلندڙ هو، اڄ هڪ ڌُر جي ماڻهن حملو ڪري ٻنهي ڀائرن کي زخمي ڪيو آهي، جهيڙي جو رات دير تائين ڊرگهه بالا ٿاڻي سميت ڪنهن به حد جي ٿاڻي تي پوليس ڪيس داخل ناهي ڪيو نه ئي حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.