عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جي رهواسين جو انصاف لاءِ احتجاج جاري

گلشن اقبال (ن ع آ) عبدالله شاھه غازي ڳوٺ اي بلاڪ جي رھواسين طرفان انصاف جي حاصلات لاء 64 ڏينھن بـ پنھنجو احتجاج جاري رکندي  بلڊر مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الطاف ميمڻ شبير پٺاڻ ساجد مغل ضمير حسين ۽ ٻين چيو تـ اسان جا گھر مسمار ڪندڙ بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف ھن وقت تائين سنڌ سرڪار طرفان ڪا بـ اثرائتي ڪاروائي نـ ڪئي وئي آھي اسان جي احتجاج کي مسلسل 64 ڏينھن ٿي چڪا آھن پر سنڌ سرڪار سسٽم مافيا آڏو بيوس ۽ لاچار بڻيل آھي جنھن سبب ھن وقت تائين بلڊر مافيا پوليس ۽ روينيو عملدارن خلاف ڪا بـ اثرائتي ڪاروائي نـ ڪئي وئي آھي ھنن چيو تـ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.