جروار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني، ڦر، ڌاڙن ۾ اضافو، ڌار ڌار مظاهرا

جروار ( ن ع آ )  جروار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾  بدامني جي باھ ھڪ دفعو ٻيھر ڀڙڪي اٿي ،جڏھن ته ڦورن ۽ ڌاڙن جي واقعن ۾ ڪيترن ئي ڏينھن کان اضافو اچي ويو آھي ، ھوڏانھن جروار پوليس گشت ڪرڻ بدران ٿاڻي تي آرامي پيل آھي، ٻئي طرف جروار ٿاڻي جي حد مسواھ پل وٽ 15 ھٿياربندن يارولنڊ کان گھوٽڪي ويندڙ صبح سوير سبزي فروش ڪيترن ئي مزدورن کي يرغمال بڻائي 7 لک روپيا روڪ رقم موبائل فونون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا آھن، جڏھن ته جروار پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ٻي طرف متاثرن مسواھ پل وٽ ۽ شھر جروار ۾ ڌار ڌار احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي ،ان موقعي تي سبزي فروشن عاشق ممداڻي ھاشم لنڊ رضوان مھر ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو آھي صبح سوير اسان سبزي وٺڻ وڃون پيا ته 15 ھٿياربند اسان کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا پوليس اطلاع باوجود ڪو تڪڙو قدم نه کنيو آھي ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.