لاڙڪاڻي ۾ پوليس جا ڇاپا، 8 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي مختلف علائقن مان 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار، چوري ٿيل  لوڊر رڪشا ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ رتوديرو پوليس سرگرم جوابدار جنيد سومرو کي بغير لائسنس رپيٽر ۽ ڪارتوسن سميت، دڙي پوليس گهربل جوابدار اظهار عرف نعيم چنو کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، باڊهه پوليس منشيات فروش قادر تونيو کي هيروئن جي 50 پڙين سميت، شهيد الاهي بخش سيال پوليس گهربل جوابدار عبدالله سومرو کي، رتوديرو پوليس اغوا ڪيس ۾ گهربل جوابدار نثار سولنگي کي، رحمت پور پوليس قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي سجاول ٿاڻي جي اغوا ڪيس ۾ روپوش جوابدار طارق مگسي کي، سيهڙ پوليس روپوش جوابدار هوت عرف الياس جتوئي کي ۽ نئون ديرو پوليس پرڏيهي افغاني شهري سحرگل افغان کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي پاسي وليد پوليس شهري عمران علي کوکر جي چوري ٿيل لوڊر رڪشا هٿ ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.