ڏهرڪي ۾ عورت تي ڪارنهن الزام، تشدد، مڙس جون دانهون

ڏھرڪي (رپورٽ اسد لغاري )  ڏھرڪي لڳ وسطي جيوڻ شاھ جو رھائشي چنيسر شيخ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مھينو اڳ مان مزدوري ڪرڻ لاءِ ٻاهر ويل ھئس ته منهنجا ڀائر مٺل شيخ،قابل شيخ ڀائيٽو علي نواز شيخ ۽ سھرو ﷲ ڏتو شيخ منهنجي گھر ۾ گھري منهنجي زال تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام نالي شفيق سميجو تي ڏئي منهنجي زال تي تشدد ڪري کڻي ويا، جڏھن مون کي خبر پئي ته مان انھن وٽ ويس مون کي تشدد ڪري قيد ڪري ڇڏيو، جٿان مان وجھه وٺي ڀڄي نڪري آيو آهيان هن چيو ته مون کي شڪ آهي ته منهنجي زال کي وِڪرو ڪري ڇڏيندا منهنجي زال تي منهنجي ڀائرن ۽ سھري ڪوڙو ڪارنهن جو الزام ڏنو آهي مان ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي آئي ڊي سکر آئي جي سنڌ کي اپيل ٿو ڪيان ته مون کي منهنجي زال آمنه شيخ واپس ڪرائي ڏني وڃي هن چيو ته اگر مونسان انصاف نه ٿيو ته مان پنهنجو پاڻ کي ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس آڏو باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.