صالح پٽ لڳ موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت، لاش رکي ڌرڻو

صالح پٽ ( ن ع آ ) صالح پٽ لڳ ڳوٺ لونگ ڀنڀرو جو رهواسي دريا خان ڀنڀرو ولد محمد خان ڀنڀرو عمر 45 سال موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو موٽر سائيڪل سوار  فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ،سندس ڀاءُ امام ڀخش ڀنڀرو مقتول جو لاش ٽاڻي صالح پٽ جي گيٽ اڳيان رکي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ۽ جوابدارن کي فوري طور گرفتاري جو مطالبو ڪيو،صالح پٽ ٿاڻي تي موجود ڊيوٽي آفيسر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاچ ڪري رهيا آهيون ته موٽر سائيڪل سوار ڪير آهن ڪجهه معلومات حاصل ٿي آهي فريادي ايندو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه وري جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن مقتول جو لاش پھچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

  • سنڌڙي لڳ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ واٽهڙو سوڌو 2 ڄڻا زخمي

سنڌڙي(ن ع آ) سنڌڙي ٿاڻي جي  حد کپرو-ميرپورخاص روڊ تي موٽر سائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب واٽهڙو کي ٽڪر  ٽڪر لڳڻ  جي نتيجي ۾ ول واري واسي رياض شر ۽ واٽهڙو ڪامل چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي  سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.