ٻوڏ متاثر ۽ تعليمي تالا بندين جو ڪيس

تحرير: علي محمد ميمڻ

دنيا جي عالمي اداري اقوام متحده ۾ دنيا جي موسمياتي تباهه ڪارين ۽ پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي هاڃيڪارين تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ بحث شروع ٿي ويو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جنرل اسييمبلي جي اجلاس ۽ بحث جي شروعاتي خطاب ۾ چوڻ هو ته موسمياتي تبديلين سان دنيا کي خطرا لاڳو ٿي ويا آهن ۽ موسمياتي تبديليون دنيا ۾غير معمولي برساتون تباهي آڻي رهيون آهن، سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ هو ته، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77هين اجلاس ۾ عام بحث جي شروعات ڪندي انتونيو گوتريس جو چوڻ هو ته گيسون خارج ٿيڻ موسمياتي تبديلي جو وڏو سبب آهن، موسمياتي تبديلين سبب ڪيترائي ملڪ قدرتي آفتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، دنيا هن وقت خوراڪ جي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپئگنڊا سان به مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.

پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب هاڃيڪارين جو شڪار ٿيڻ بعد هن وقت دنيا جي ملڪن ۽ عالمي ادارن کان وڌ ۾ وڌ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. يقينن دنيا جي پنجين ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ ۽ انهيءَ جي حڪومت لاءِ دنيا کان امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ان ريت پريشان ٿيڻ ۽ پنهنجي واهر ڪرڻ لاءِ واجهائڻ تمام تڪليف ڏيندڙ ۽ شرمساري جو سبب معاملو پڻ آهي.پر جياپي جي جدجهد قومن ۽ ملڪن کي اهي ڏينهن ڏيکاري ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي. هن وقت ملڪ جو وزير اعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري حڪومتي وفد سان گڏ نيويارڪ ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾موجود آهن ۽ عالمي اڳواڻن سان گڏجاڻيون ڪري، ملڪ جي  ۽ متاثر ٿيندڙ پنهنجي ڪروڙين عوام جي مدد ۽ بحالي لاءِ سهڪار حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا آهن..

هوڏانهن، اقوام متحده ۽ دنيا جي ملڪن جون حڪومتون پنهنجي نمائندن ۽ ادارن ذريعي اسان جي ملڪ جي صورتحال ۽ نقصانن جو ڪاٿو لڳائي رهيا آهن ۽ رپورٽون پنهنجين حڪومتن کي موڪلي مدد مهيا ڪرڻ جو جائزو وٺي رهيا آهن.  اقوام متحدن جي عيوضي هالي ووڊ جي مشهور فلم اسٽار ميڊم انجلينا جولي سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي آيل آهي .ان کان اڳ آمريڪي ڪانگريس جي رڪن شيلا جيڪسن پاڪستان جو دورو ڪرڻ بعد ٻوڏ متاثرن جي صورتحال تي آمريڪي نمائندن جي ايوان کي آگاهي ڏني آهي.پنهنجي بريفنگ ۾ هن جو چوڻ هو ته حد نگاهه تائين پاڻي ئي پاڻي، ٻوڏ جو پاڻي نڪرڻ ۾ ڇهن مهينن کان وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو، پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ تيزي سان بيماريون پکڙي رهيون آهن.ڪانگريس رڪن ٻوڏ متاثرن جي فوري مدد لاءِ  اپيل ڪئي ۽ ايوان کي پاڪستان جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن جون تصويرون ڏيکاريون ۽ چيو ته اسان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هي تاريخي موقعو نه وڃائڻ گهرجي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن کي مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن طرفان ڏنل امداد جي ماليت جي حوالي سان سموري ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ وڏا چئوٻول ۽ انومان ڪيا پيا وڃن ۽ سوشل ميڊيا ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مختلف خبرن ۽ ميڊيا مهمن ۾ دنيا کان ملندڙ امداد ۽ متاثرن کي ملندڙ امداد جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون، تهمتون ۽ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي اها تمام گهڻي عجيب آهي. نامعلوم ذريعن جي حوالي سان امداد ۽ انهن جي استعمال بابت جيڪي انگ اکر پيش ڪيا پيا وڃن اهي ۽ غير جانبدار ۽ ذميواري ذريعن ذريعي جاري ٿيندڙ وضاحت ۽ بريفنگ بلڪل ان جي ابتڙ حقيقتون بيان ڪري رهيا آهن..آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن واري ڪميٽي جي چيئرمين باب ميننڊيز جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سان متاثر پاڪستان کي ڏنل امداد هڪ ڦڙي کان وڌيڪ ناهي.نيوجرسي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر باب ميننڊيز پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي چيو ته پاڪستان لاءِ انٽرنيشنل ڊونرز ڪانفرس ڪوٺائڻ گھرجي ۽ آمريڪا پاران ڊيزاسٽر پيڪيج ڏنو وڃڻ گھرجي، ان سان گڏ آءِ ايم ايف طرفان به پاڪستان کي وڌيڪ رليف ملڻ گھرجي.

ملڪ مٿان ڪڙڪي پوندڙ ريڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورت ۾ قدرتي آفت سان نه صرف ملڪ جو سمورو بنيادي ڍانچو ۽ زندگي جو سمورو وهنوار معطل ۽ تباهه ٿي ويو آهي پر انهيءَ آفت ۽ هاڃيڪارين جا اثر زندگي جي ٻين شعبن تي به تمام گهڻا پيا آهن. ائين چئجي ته سموري ملڪ ۽ خاص طور تي برساتن ۽ ٻوڏ جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿيندڙ سنڌ صوبي جو سڀ کان وڌيڪ ۽ گهڻ پاسائو نقصان ٿيو آهي ۽ سنڌ صوبي ۾ لڳاتار هنگامي حالت لاڳو آهي،  سنڌ جي زرعي معيشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ کان علاوه  هر قسم جا ڪاروبار ۽ سماجي وهنوارن جي معطل ٿيڻ سان گڏ قوم جي مستقبل سازي ۽ نئين نسل جي جياپي سان تعلق رکندڙ تعليمي ادارن 16 هزار کان وڌيڪ اسڪولن، ڪاليجن جي عمارتون ڊهي ويون آهن يا انهن کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي اهڙي ريت پرائمري کان مٿين سطح جي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين وارو تعليمي سرشتو مهينن کان بند ۽ مفلوج آهي ۽ بچيل 5  هزار کن اسڪولن جي عمارتن ۾ ٻوڏ متاثرن جون ڪئمپون قائم ٿيل آهن.، اهڙي صورتحال ۾اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته، تعليمي ادارن جو ان سموري تباهه ڪارين ۾ ايڏو وڏو نقصان ڇو ٿي رهيو آهي. ٻوڏ متاثرن کي ڪنهن به مناسب جاء تي ڪئمپون قائم ڪري تعليمي ادارن کي صاف ڪرائي انهن ۾ تعليم جو نظام بنادير شروع ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو تعليمي سرشتي جو سموري سنڌ ۾ معطل رهڻ هڪ وڏي تباهي بعد ٻئي وڏي قومي تباهي پاڻ مٿان لاڳو ڪئي وئي آهي جنهن کان هر صورت ۾ بچي پئي سگهيو ويو پر ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته اسان جي قوم ۾ تعليم بنيادي گهرج ۽ پنهنجي پهرين چونڊ شايد ناهي جو هر قسم جو مصيبتون، هڙتالون ۽ تالابنديون سڀ کان پهرين تعليمي ادارن جو رخ ڪن ٿيون ۽ اسان جا تعليي ادارا آڪٽوپس يا واڳن جي وات ۾ هليا ٿا وڃن.

تازين خبرن موجب،سنڌ سرڪار جي فيصلي تحت تعليم واري کاتي طرفان سنڌ جي سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي چيو ويو آهي ته اسڪولن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن کي سندن خيما مرڪزن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. سيڪريٽري تعليم طرفان ڊپٽي ڪمشنرن کي لکيل خط ۾ دلچسپ صورتحال اها پڻ منظر عام تي آئي آهي ته، ڪجهه اسڪولن کي امدادي ڪيمپ قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي اسڪولن تي ٻوڏ متاثرن قبضو ڪري ورتو آهي جنهن سبب اسڪولي ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن ۽ کين ناقابل تلافي تعليمي نقصان ٿي رهيو آهي. اسڪولن ۽ ٻين ادارن جي عمارتن ۾ قائم ٻوڏ متاثر ڪئمپن جي حوالي سان امدادي رضاڪارن ۽ خدمتگارن ۽ مقامي انتظاميا جي حوالي سان اهي خبرون پڻ عام آهن ته، ڪئمپن ۾ ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ لڳ ڀڳ اڌو اڌ تر ۽ علائقي جا ماڻهو داخل ٿي ويهي رهيا آهن جنهن ڪري اصل ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن ۾ اضافو ۽ هنن جون حق تلفيون ٿي رهيون آهن. اهي خبرون پڻ آهن ته ڪئمپن ۾ ملندڙ امداد ۽ سامان تر جي ماڻهن طرفان پنهنجن ويجهن گهرن ڏانهن لڳاتار منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو سامان هاڻي مارڪيٽن ۽ دڪانن تي پڻ وڪرو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي. اها صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي واري آهي انتظاميا کي ان معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي ۽ حقدار ٻوڏ متاثرن جي وڌ ۾ وڌ سنڀال ڪرڻ گهرجي ۽قبضا گيرن ۽ جعلي متاثرن کي بنادير سندن گهرن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.