سنڌ ۾ بدامني جو راڄ ڇو ؟

ميڊيا جي چوڻ موجب اُتر سنڌ اغوائن جي انڊسٽري بڻجي وئي. پر سچ اهو آهي ته اڄوڪي سنڌ جيترين تڪليفن ۽ ڏکن ۾ ورتل آهي، ان مان تاثر اهو ورتو ٿو وڃي ته ايڏي وڏي تباهيءَ کانپوءِ هتان جي ماڻهن ذهن ۾ ڪا تبديلي آئي هوندي سندس اندر ۾ ڏک جو احساس پيدا ٿيو هوندي، هو ماڻهپي جي دائري ۾ سوچڻ لڳو هوندو، گذريل سالن جي ڪرونا ۾ ٿيل تباهي ۽ تازين برساتن ۾ ٿيل تباهيءَ هتان جي ماڻهوءَ کي نئون جنم ڏنو هوندو، جيئن دنيا ۾ ٿيو آهي، پر هتان جي ماڻهوءَ ۾ ڪنهن به قسم جي تبديليءَ جو عمل شايد نامڪمن نه هجي پر ڏکيو ضرور آهي.

اهڙو ڪجهه ملڪ جي خاص طور سنڌ جي ميڊيا پڻ ٻڌائي رهي آهي، اطلاع اهي به آهن ته هيڏي وڏي تباهيءَ کانپوءِ به انساني پنهنجي غير انساني عملن ۾ سڌارو نه آندو آهي، تازو سرڪار پاران ڏنل انڌي منڊي امداد جا پنجويهه هزار جيڪي عورتن کي ملي رهيا آهن، انهن مان سرڪار سڳوريءَ جا عملدار اي ٽي ايم مشين مان پئسن ڪڍي ڏيڻ عيوض ٻن هزارن کان پنجن هزارن تائين ڪٽوتي ڪري رهيا آهن جيڪا ماڻهپي کان ڪريل حرڪت ته آهي ئي پر سرڪار پاران اهڙن عملن کي روڪڻ لاءِ ڪوشش بنهه نه ورتي ويئي آهي.

ساڳئي وقت باقي بچيل پئسا جڏهن ڳوٺاڻيون غريب عورتون پيهه مان کڻي ٻاهر نڪرين ٿيون ته، اهي سندن هٿن مان، پرس مان رون جي ٻڌل پلاندن مان ڇوڙي/ کسي ڪي لُچا ڀڄي وڃن ٿا ۽ سينٽرن ٻاهران بيٺل پوليس انهن کي پڪڙڻ لاءِ ڪو به قدم نٿي کڻي، جنهن عمل مان ماڻهن کي گمان نه پر پڪ ٿيڻ لڳي آهي ته پوليس عملو پڻ اهڙن چورن، ڳنڍ ڇوڙن، يا هٿ کس ڪندڙن سان ٻٽ آهي اهو عمل سندن صلاح سان رهيو آهي، ان سموري ڦريل پئسي مان شام جو ٿاڻي تي حصا ٿين ٿا. پر انهن مڙني عملن جو پڇاڻو ڪير ڪندو. اهو اهم سوال آهي؟

ڇاڪاڻ ته ضلعن جي اهم پوليس عملدارن کان وٺي تعلقي جي ننڍن عملدارن پوليس ٿاڻن تائين ورهاست جو نيٽ ورڪ جڙيل آهي، جنهن اندر اهي اغوا ڪرڻ وارا واقعا پڻ شامل آهن، جيڪي ڀنگ طور پئسا وٺڻ لاءِ ڪيا وڃن ٿا.

سنڌ اندر محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته سرڪار نالي، قانون نالي، ادارن نالي ڪا شئي نه بچي آهي، هڪ ڦرلٽ آهي، جيڪا طرف ساڳي طرح ٿي رهي آهي، ڪو به شخص عملدار ڪنهن کان جواب طلبيءَ جو قانوني، مذهبي، ادارتي توڻي اخلاقي حق وڃائي ويٺو آهي.

سنڌ ۾ بدامنيءَ جو عالم اهو آهي، جو اتر سنڌ جو ماڻهو ههڙين اڳ ئي ڏکين حالتن جي عذاب کي ڀوڳي رهيو آهي، ويتر ماڻهن ۾ اغوا ٿيڻ ۽ ڀنگ ڏيئي گهر پهچڻ کان اڳ اهڙي خبر جو شڪار ٿئي ٿو جيڪا سندس حواس خطا ڪري وجهي ٿي. اهڙا واقعا ائين به نوٽ ڪيا ويا آهن ته انهن ماڻهن سان پيش اچي رهيا آهن جن جو يا ته ڌڻي سائين نه آهي، يا وري اهو ماڻهون خوددار آهي، ڪنهن وڏيري، ڀوتار، وزير، مشير جو شام صبح سلامي نه آهي، هو پورهيو ڪري کائي ٿو ۽ پنهنجي اصولي زندگي جيئي ٿو.

جيئن ته ڏٺو اهو به ويو آهي ته سنڌ ۾ نه سرڪار آهي نه پوليس آهي نه قانون آهي. جنهن سبب چئني پاسي هڪ قدرتي آفتن جي باهه ٻري رهي آهي ٻئي انتظامي ناڪاميءَ جي باهه ٻريل آهي ته ٽئي طرف ڀوتارڪي ڀتاخوري شروع آهي جنهن جي پوراءَ لاءِ ادارا توڙي شخص رڌل آهن.

حڪومتي ناڪاميءَ جو مثال اهو ئي ڪافي آهي، ته ملڪي توڙي عالمي طور مددي ادارا مٿانهن اعتبار وڃائي چڪا آهن. اڄ به مدد جي نالي سياسي پنهنجا نوازي چالو آهي. اهڙين حالتن مان هڪ اهڙي نسل يا ٽولي جنم ورتو آهي، جنهن جو مقصد ڦرلٽ ڪرڻ ئي آهي، اها ڦرلٽ ڀل امداد جي هجي، يا خيرات ۾ مليل عورتن کي ٻٽن هزارن جي هجي، هن ٽولي لاءِ ڦرلٽ ڪرڻ ئي مقصد آهي. جنهن عمل معرفت سنڌ جا حقيقي گهرجائو رهجي وڃن ٿا. ڌنڌوڙي ماڻهن چئني پاسي رڻ ٻاري ڏنو آهي، حجاب، تقدس ۽ قدر رکندڙ ماڻهو ان سموري عمل جو عذاب ڪاٽي رهيو آهي. اهڙو اظهار اسين وري وري ڪندا رهيا آهيون. پر ٻڌندڙن جي ڪن تي جونءَ به ڪونه چري رهي آهي.

هن وقت ماڻهن کي کاڌو ملڻ جي گهرج آهي، ڦورو ٽولو جيڪا کانئن ڦري رهيو آهي، حڪومت جي نالي ۾ هلندڙ ادارا اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهن.

اسان جي گذارش اها آهي ته جيڪڏهن حڪومت آهي، ادارا آهن، قانون آهي ته هن ٿيندڙ بي ترتيبيءَ کي ٺيڪ ڪيو وڃي ڪا ترتيب ڏني وڃي، جيئن اها سموري ڦرلٽ بند ٿي سگهي، ڪي اخلاقي قدر زندهه ٿي سگهن ۽ ماڻهن ۾ حڪومت جي مڃتا جنم وٺي، منجهن جيئڻ جو اتساهه پيدا ٿئي. ڪو سٺو تاثر اڀري نروار ٿئي. ايتري ننڍڙي خواهش ته هن ملڪ جي ماڻهن جي پوري ٿيڻ گهرجي، ان سڀ جي وڌيڪ ضرورت سنڌ کي آهي ڇاڪاڻ اها حڪومتي سطح تي هڪ بي يقينيءَ جو شڪار ٿي وئي آهي، ان کي بچائڻ حڪومت جو اولين فرض آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.