عمران خان مٿان نااهلي جي ٽنگيل تلوار !

تحرير: حاڪم نصيراڻي

توهين عدالت ڪيس ۾ خان مٿان فرد جرم لاڳو ٿيڻ وارو آھي جنهن کان پوءِ اهو ڪيس هلندو. ان وچ ۾ عمران خان معافي ورتي ته معاملو ختم ٿيندو نه ته معافيون گهرڻ باوجود ن ليگ جي اڳواڻن کي سزائون مليون هيون. قانوني ماهرن جو خيال آھي ته نهال هاشمي ۽ عمران خان جي ڪيس ۾ ھڪجهڙائي آھي. نهال هاشمي کي معاف نه ڪيو ويو جنهن کي سپريم ڪورٽ سزا ڏني ۽ ڏنڊ به وڌو پر ڏسجي ته خان صاحب سان ڇا ٿو ٿئي؟

عمران خان پنهنجي جلسن ۾ ھڪ دفعو وري مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واء کي ياد ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي نه صرف اهو پر گمنام نمبرن کان ايندڙ مبينا فون ڪالز وسيلي ملندڙ ڌمڪين جي ڳالھه به ڪري ڇڏي آھي ۽ بدلي ۾ فون وارن کي ڌمڪي ڏيڻ جي به ڳالھه ڪئي. ڏسجي ته خان صاحب جا ڪهڙا ڪهڙا مرد مجاهد ڌمڪيون ڏيندڙ گمنام همراهن کي ڌمڪيون ڏيندا؟ ان کان اڳ خان صاحب پارٽي جي ڪور ڪاميٽي واري اجلاس ۾ پنهنجي اڳواڻن تي جنهن انداز سان سندس بيانن جي دفاع نه ڪرڻ تي ڪاوڙ ڪئي ان مان به ظاهر ٿئي ٿو ته خان صاحب بلڪل وڙھڻ جي موڊ ۾ آھي پر سندس ساٿي ڪن لاٽار ڪن پيا. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته خان صاحب جي دور ۾ اقتدار جا مزا ماڻيندڙ ڪيترائي همراهه ڪُنڊ وٺي سياسي راند جو مزو وٺن پيا. سندن خيال آھي ته جيڏانهن به ٿڌڙيون هوائون گهليون اهي اوڏانهن جو رخ ڪري وڃي مزا وٺندا.

لنڊن پلان جون ڳالهيون ماضي جو حصو ٿي ويون آھن هاڻي وري لنڊن ياترا جون ڳالهيون وڏي زور ۽ شور سان جاري آھن. وزيراعظم شھباز شريف ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي وچ ۾ ٿيل ملاقات کان پوءِ ملڪ ۾ نئون سياسي بحث شروع ٿي ويو آھي. خاص طور تي تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جي هم خيالن جو خيال آھي ته ملڪ جي بدقسمتي اها آھي جو ملڪ جا اهم فيصلا ملڪ کان ٻاهر ويٺل عدالتي ڀاڳوڙا ۽ قومي ڏوهاري ڪري رهيا آھن. ان جي نسبت نواز ليگ ۽ پي ڊي ايم جو خيال آھي ته قومي قيادت کي ملڪ کان ٻاهر رکڻ ۾ به ڳجهن هٿن جو تمام وڏو عمل دخل رهيو آھي.جئين ته نئين چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري جو پڙاڏو پوري ملڪ ۾ گونجي پيو. خان صاحب موجوده چيف آف آرمي اسٽاف قمر جاويد باجوا صاحب کي ڇھه مهينا وڌيڪ عهدي تي رهڻ جي ڳالهھ ڪري سياسي ۽ عسڪري حلقن ۾ ھڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آھي پر خان صاحب جي ان تجويز پي ڊي ايم کي مڇرائي وڌو. سرڪاري وزيرن مشيرن توڙي اتحادي ڌرين طرفان خان صاحب جي تجويز کي رد ڪيو ويو آھي سندن چوڻ آھي ته آئين کي سامهون رکي نئين آرمي چيف جي مقرري وقت تي ڪئي ويندي. نئين چيف آف آرمي اسٽاف لاءِ جيڪي نالا گردش ڪن پيا انهن مان ڪجهه تي عمران خان کي اعتراض آھي. چوڻ وارا چون پيا ته جيتري ڪوشش عمران خان جي ڪنهن هڪ ماڻھو کي نئون ڪپتان بڻائڻ جي آھي اوتري ئي ڪوشش حڪومت جي آھي ته اهو ماڻھو چيف آف آرمي اسٽاف نه ٿئي. هن وقت حڪومت طرفان ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير جو نالو پسند جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو. جنرل عاصم منير اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ رهيو آھي. جنرل عاصم منير لاءِ اهو به مشھور آھي ته آءِ ايس آءِ چيف واري دور ۾ هن صاحب عمران خان کي ڪجهه رپورٽون ڏنيون ھيون ته اوهان جي ڪابينه کان وٺي ڪچن تائين جي معاملن ۾ وڏي ڳڙبڙ آھي. مهرباني ڪري انهن تي نظر وجهو ائين نه ٿئي جو ڳالھه ڳاٽي کان چڙھي وڃي ۽ بچائڻ وارا بيوس نه ٿي وڃن. چوندا آھن ته سچ ٻڌڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهھ ناهي ان ڪري خان صاحب کي به اها ڳالھ نه وڻي. خان جي ڪافي رازن کان واقف هجڻ ڪري خان صاحب لنوائي پيو ته عاصم منير کي فوج جي ڪمان نه ملي. نواز شريف جي اها صلاح آھي ته ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي نئون چيف آف آرمي اسٽاف بڻائجي ته جئين عمران خان کي بند ڳلي ڏانهن ڌڪيو وڃي. هن وقت جو حالتون واضح ناهن ته ڪير ٿو بند ڳلي ۾ وڃي.

لنڊن واري ملاقات کان پوءِ لڳي ٿو خان صاحب کي پڪ ٿي وئي آھي معاملا سندس هٿن کان نڪرندا پيا وڃن ان ڪري چڪوال جلسي ۾ جنهن قسم جي ٻولي استعمال ڪئي وئي اها ڪنهن به ريت مفاهمت واري نه هئي. خان صاحب سيلاب ۽ برساتن جي آيل تباهي کان بي نياز ٿي عوام کي اسلام آباد ڏانهن چڙھائي جا دعوت نامه ڏيڻ شروع ڪري ڏنا آھن.

اسلام آباد هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ قائم بينچ عمران خان مٿان جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا آھن پر هاڻي اهو ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ هلندو رهندو. اليڪشن ڪميشن اسپيڪر پاران عمران خان جي نااهلي لاءِ موڪليل توشه خانه ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آھي.

ان حقيقت کان انڪار نه ٿا ڪري سگهون ته اسان جي سڄي ملڪي نظام ۾ هر طبقي لاءِ قانوني گهرجون هڪ جهڙيون ناهن. ڪمزور ۽ طاقتور لاءِ نظام الڳ الڳ ته هئا پر هاڻي مشھور ۽ گمنام جو فارمولو به اسان جي نظام جو حصو ٿي ويو آھي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪن ڌرين جو اهو چون هو ته ڦلاڻو ماڻھو شھرت جي مائونٽ ايوريسٽ تي چڙھيل آھي ان ڪري قانون کي سندس شھرت جو خيال رکڻ گهرجي ۽ قانوني طور اهڙي ماڻھو ۾ ھٿ نه ٿا وجهي سگهجن. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا قانون ۾َ اها گنجائش آھي ته ڪنهن مشھور ماڻھو ۾ ھٿ نه وجهجن ؟ ڇا قانون ۾َ ان ڳالھه جي به گنجائش آھي ته ان شھرت رکندڙ انسان کي اها ڇوٽ ڏنل آھي اهو ڀل قانون کان مٿاهان ڪم ڪندو رهي؟

شھباز گل جي بيان جو متن جنهن قسم جو ھو اهو اسان ٻڌو پر ڪجهه اهڙا ماڻھو جيلن ۾ بند آھن جن جا ڊوميسائيل ڪنهن ننڍي صوبي جا آھن پر سندن ڏوھ شھبازگل جي نسبت تمام گھٽ آھن. جئين ته ڳالهھ نظام جي هلي پئي ان ڪري شايد فيصلا به شخصيتن ۽ صوبن کي ڏسي پوءِڪيا وڃن ٿا. اسان وٽ پوليس نه ڏسي ٿي ڏينهن نه رات جڏھن چاهي جنهن کي چاهي چادر ۽ چار ديواري جي تقدس جو خيال ڪرڻ کان سواءِ  کنڀي گم ڪري ڇڏي. پوليس جي مرضي آھي ڪنهن ڪونڌر کي ناحق هاف فراءِ ڪري يا وري ڪنهن کي فل فراءِ ڪري ڇڏي.سندن مرضي آھي پر اتي ڪنهن کي ڪجهه نظر نه ٿو اچي.

بهرحال ڪورٽ سڳورن جا فيصلا آھن جيڪي ڪمزور طبقي لاءِ اکين تي رکڻ جهڙا آھن پر ان جي نسبت طاقتور طبقي کي پنهنجي غلطي سڌارڻ لاءِ موقعا به فراهم ڪيا ويندا آھن ته جئين کين غلطي جو احساس ٿئي. اسان جي پوليس وٽ دهشتگردي جو قلم هڻڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي ڪجهه غريب ته ان قلم جي زد ۾ اچي ناحق سزائون به ڪاٽن پيا. شايد انهن ماڻھن جو اهو قصور آھي جو انهن جي پوليس جي حد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي دائره اختيار ۾ نه ٿي اچي يا اهي عمران خان ناهن؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران عمران خان مٿان دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ جو حڪم اهڙي موقعي تي ڏنو ويو آھي جنهن موقعي جي تلاش خان صاحب کي ڪافي ڏينهن کان هئي .

جئين ته مون پنهنجي گذريل ڪالم ۾ اسڪرپٽ جي ڳالھه ڪئي هئي ته اسڪرپٽ مطابق پنجاب ۾ نوازليگ جي حڪومت هجڻ گهرجي ها جيڪا هن وقت تائين قائم نه ٿي سگهي آھي . ان مان صاف ظاهر آھي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪو معاملو ضرور آھي جنهن لاءِ ڪٿي نه ڪٿي کچڻي پچي پئي. جئين جئين عدالتن مان ڪنهن کي ڪو رليف ملي ٿو تئين نئون بحث ڇڙي وڃي ٿو ته هاڻي طاقتور ڌرين جو جهڪاءُ هن طرف ٿي ويو آھي ۽ هنن سان ٻه هٿ  ٿي ويا. ڪڏھن وري ڪنهن ڌر جو گهيرو تنگ ٿئي ٿو چوڻ وارا چوڻ شروع ٿي وڃن ٿا ائين ته ٿيڻو هو ڇو ته هن کي سياسي ميدان مان ٻاهر جو رکڻو هو ان ڪري ان قسم جي فيصلي جي اميد هئي.

اسان جي سڄي سياسي نظام ۾ اهڙو ماحول جڙيل آھي جنهن ۾ ھر فيصلي پويان ڳجها هٿ ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. جيڪڏھن پنجاب جي سرڪار تبديل ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏ اسحاق ڊار ملڪ ۾ واپس اچي اهم ذميواريون سنڀاري ٿو ته حالتون نواز ليگ جي حق ۾ آھن پر جيڪڏھن ائين نه ٿيو پوءِ نواز ليگ سان واقعي ٻه نه پر چار هٿ ٿي ويا. ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. پنجاب اسيمبلي وزيراعظم خلاف آرٽيڪل 6 جي قرارداد منظور ڪري ڇڏي آھي. ان ٺهراءُ مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته پنجاب ۾ سياسي ملاکڙو تمام جلد شروع ٿيڻ وارو آھي. عمران خان کي پنهنجي اسلام آباد لاءِ ماڻھو گهرجن جيڪي پنجاب کان آساني سان اچي سگهن ٿا جيڪڏھن اتي سندس حڪومت بچي ٿي نه ته وري ساڳي پنجاب پوليس هوندي ساڳيا پنجاب جا روڊ ھوندا ۽ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن به ساڳيا هوندا. ڏسجي ته خان جي ممڪنه لانگ مارچ تائين پنجاب جي حڪومت بچي ٿي يا نه ؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.