اوٻاوڙو: بدنام ڌاڙيل سلطو شر پنهنجي ساٿي سوڌو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو

بدنام ڌاڙيل سلطو شر پنهنجي ساٿي سوڌو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو.

پوليس موجب رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ بدنام ڌاڙيل سلطو شر ۽ سندس ساٿي عيسيٰ شر مارجي ويا.

ان حوالي سان اوٻاوڙو ڊي ايس پي آفيس ۾ ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پوليس ڳجهي اطلاع تي رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي ته ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو.

هنن چيو ته مقابلي دوران بدنام ڌاڙيل سلطو شر پنهنجي ساٿي عيسيٰ شر سوڌو مارجي ويو، جڏهن مقابلي ۾ پوليس جي خاص ٽيم حصو ورتو.

پوليس عملدارن وڌيڪ چيو ته مارجي ويل ڌاڙيل سلطو شر 3 ايس ايڇ او سميت 12 اهلڪارن جي شهادت، اغوا، قتل، ڌاڙن ۽ ٻين 200 کان وڌيڪ سنگين ڏوهن ۾ پوليس کي گھربل هيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.