جراور: هٿياربندن جي سبزي جي واپارين کان ڦر، بدامني خلاف متاثرن ۽ شهرين جو ڌار ڌار احتجاج

جراور ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن سبزي جي واپارين کان لکين رپيا ڦري ويا، جڏهن ته بدامني خلاف متاثرن ۽ شهرين پاران ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو.

جروار ٿاڻي جي حد مسواهه پل وٽان اڻڄاتل هٿياربند ڳوٺ يارو لنڊ کان گھوٽڪي سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ واپارين کان لکين رپيا ڦري ويا.

متاثر واپارين ۽ شهرين بدامني خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي شهرين جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب جروار شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، چورين، ڦرين ۽ ڌاڙن جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن.

سندن چوڻ هو ته بدامني سبب شهرين جي جان ۽ مال غيرمحفوظ ٿي ويو آهي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته بدامني جو نوٽيس وٺي جراور ۽ ڀرپاسي ڏوهن تي ضابطو آڻي امن ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.