پاڪ انگلينڊ پهرين ٽي 20 ميچ مان هڪ ڪروڙ ٽيهه لک رپيا گيٽ مني جمع

پاڪستان انگلينڊ سيريز جي پهرين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ سان هڪ ڪروڙ ٽيهه لک رپيا گيٽ مني گڏ ٿيو آهي جيڪا ٻوڏ متاثرن لاءِ پرائم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ جمع ٿيندي

چيرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) رميز راجا چيو آهي ته ڪرڪيٽ هڪ ڀيرو ٻيهر سموري قوم کي گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، ان عظيم مقصد ۾ حصو ٿيڻ تي هن سمورن پرستارن جا ٿورا مڃيا، پي سي بي ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺو آهي.

بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو فيصل حسنين جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي تماشائين مون سون جي برساتين سبب ايندڙ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ حصو ورتو، پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچز طرفان فنڊز ۾ ننڍو حصو وجهڻ پي سي بي لاءِ وڏو اعزاز آهي.

فيصل حسنين چيو ته اهو حصو ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڪم ايندو، ضرورت جي هن وقت ۾ عوام جو گڏ بيهڻ تعريف جوڳو عمل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.