آئما جي بيوفائي شهباز شگري کي شادي کان ئي باغي ڪري ڇڏيو، وڊيو وائرل

پاڪستاني ماڊل، اداڪار ۽ پروڊيوسر شهباز شگري جو آئما بيگ سان مڱڻي ٽٽڻ بعد شادي جي حوالي سان نئون نياپو سامهون آيو آهي.

اداڪار ۽ ماڊل شهباز شگري هڪ سال پهريون ڳائڻي آئما بيگ سان مڱڻي ڪئي هئي جڏهن ته سندس پهرين شادي اداڪارا عائشا لينيا سان ٿي هئي جيڪا جون ٻه هزار ارڙهن ۾ طلاق تي ختم ٿي وئي.

شهباز شگري ۽ آئما بيگ وڏي عرصي کان گڏ هيا، پر تازو سندن رشتو ٽٽي پيوجنهن جي آئما بيگ سوشل ميڊيا تي تصديق به ڪئي.

ٻئي پاسي برطانوي ماڊل دعويٰ ڪئي آهي ته آئما بيگ سندس مڱيندي شهباز جي هوندي هن جي اڳوڻي بواءِ فرينڊ سان افيئر هلايو ۽ شهباز کي ڌوڪي ۾ رکيو

ان دعوي بعد ڳائڻي آئما بيگ، شهباز شگري، برطانوي ماڊل طلولا ۽ هن جي اڳوڻي بواءِ فرينڊ قيس سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي.

ان حوالي سان شهباز شگري جي ٽي ڏينهن پراڻي وڊيو سوشل ميڊيا انسٽاگرام تي اپلوڊ ٿيندڙ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو شادين جي تجربي بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Shahbaz Shigri (@shahbazshigri)

شهباز شگري هڪ وڊيو ۾ چيو ته گھڻي شادي، گھڻي شادي ڪري ڇڏي، هاڻي کيس شادي ناهي ڪرڻي، هن چيو ته اهڙي رشتي ۾ اچي به ڏٺو ۽ اڪيلو رهڻ جو به تجربو ڪيو آهي، هن هر طرح جو وقت ڏسي ڇڏيو آهي، هاڻي بيزار ٿي چڪو آهي.

شهباز شگري جي اڳوڻي زال عائشا لينيا گذريل سال ٻي شادي ڪري ڇڏي.

انسٽاگرام تي اداڪارا عائشا لينيا هاڻوڪي مڙس سان گڏ تصوير رکي ڊگهي پوسٽ لکي پنهنجي پرستارن کي اطلاع ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.