وسيم اڪرم ڀارتي بالر ارشديپ کي ڪنفيوز ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر وسيم اڪرم ايشيا ڪپ دوران ڀارتي ڪرڪيٽر ارشديپ سنگهه سان ٿيل ملاقات ۾ کيس ڪنفيوز ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ارشديپ سنگهه جي ڪوچ جسونت راءِ ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ وسيم اڪرم جي گڏيل عرب رياستن ۾ ٿيل دلچسپ ملاقات جي ڪهاڻي هڪ انٽرويو ۾ بيان ڪئي آهي.

پنهنجي انٽرويو دوران جسونت راءِ ارشديپ وسيم اڪرم سان  ٿيل ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت ٻڌايو ته اڳوڻي پاڪستان فاسٽ بالر منهنجي ساراهه ڪندي چيو ته سردار جي توهان تمام سٺا بالر آهيو ۽ بالنگ پڻ سٺي ڪري رهيا آهيون.

جسونت راءِ چيوته وسيم اڪرم ارشديپ کي چيو ته جيڪڏهن توهان پاڻ کي پرفيڪٽ سمجهو ٿا ته مون ڏانهن نه اچجو جيڪڏهن توهان کي ڪجهه پڇڻو هجي يا سکڻو هجي ته ڪهڙي به وقت مون وٽ اچي سگهو ٿا.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته ارشديپ رات جو هوٽل تي وسيم اڪرم جي ڳالهين تي سوچيندو رهيو جيڪڏهن مان وسيم اڪرم ڏانهن نه ويس ته کيس برو لڳندو ۽ هو سمجهندو ته سردار کي سڀ خبر آهي.

جسونت راءِ ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن ارشديد سنگهه وسيم اڪرم سان ملاقات ڪئي ۽ کائنس بالنگ بابت ڪارائتي ڄاڻ ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.