ڪراچي جي 39 يونين ڪائونسلز جي سيوريج ۾ پوليو وائرس جي تصديق

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي 39 يوسيز ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي.

ڪراچي جي 39 يونين ڪائونسلز جي سيوريج مان حاصل ڪيل نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، ايڏي وڏي انگ ۾ يوسيز ۾ پوليو وائرس جي موجودگي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب پوليو وائرس بلديه ٽائون، گڏاپ، ناظم آباد ۽ ڪيماڙي جي يوسيز ۾ موجود آهي.

شهرن ۾ ٻارن جي پوليو وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو خدشي کي ڌيان ۾ رکندي 39 يوسيز ۾ هنگامي بنيادن تي پوليو جي خاتمي واري مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.