اي سي سي پاران پيراسيٽامول جي اگهن بابت سمري موڪلڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اقتصادي رابطا ڪميٽي ( اي سي سي ) پيراسيٽامول جا اگهه مناسب رکڻ جي نئين سمري موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيئي اهم فيصلا ڪيا ويا.

پڌرائي موجب ٻوڏ متاثرن لاءِ اين ڊي ايم اي کي ڏهه ارب رپيا فنڊ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي جنهن مان اين ڊي ايم اي امدادي شين جي خريداري ڪندي جڏهن ته اين ڊيم ايم اي کي ڏهن مان پنج ارب فوري طور جاري ڪرن جي منظوري ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.