تڪڙي ڪراڙپ جو سبب بڻائڻ واريون عادتون

جيڪي نوجوان سگريٽ ڇڪڻ ۽ فاسٽ فوڊ  کاڌا کائڻ جا عادي آهن انهن کي وقت کان اڳ ڪراڙو ٿيڻ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. اهڙي ڳالهه فن لينڊ ۾ ٿيندڙ صحت جي حوالي سان هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ٽرڪو يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي نوجوان سگريٽ ڇڪڻ/تماڪ واپرائڻ ۽ فاسٽ فوڊ جا عادي آهن انهن جا دماغ وقت کان اڳ ڪراڙا ٿي ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ياد داشت ۽ سکڻ جون صلاحيتون متاثر ٿينديون آهن.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زندگي جي ناقص رهڻي ڪهڻي ۽ کاڌي جي عادت نوجوانن جي ذهني واڌ ويجهه کي ڊرامائي انداز تائين متاثر ڪنديون آهن.

تحقيق دوران اڻويهه سئو اسي کان ٻه هزار يارهن تائين ٽي هزار ماڻهن کان مٿي جي خوراڪ، زندگي جي رهڻي ڪهڻي ۽ ميڊيڪل رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو. تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته جواني ۾ توهان ڀلي ڪيترا به صحتمند ڇو نه هجو ناقص کاڌ خوراڪ خطرناڪ نقصان ڏيندي آهي. تحقيق موجب انهن عادتن جي نتيجي ۾ بلڊ پريشر وڌندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ دماغ جي عمر ۾ سراسري جي حساب سان اٺ پوائنٽ چار سالن جي واڌ ٿيندي آهي جڏهن ته ڪوليسٽرول جي سطح دماغي عمر ۾ ڇهه پوائنٽ ڇهه سال جي واڌ ڪندي آهي.

ان سان گڏ تحقيق دوران ڏيڍ هزار نوجوان عورتن جي رت جا نمونا ورتا ويا ۽ انهن جا ٽيلوميئرز (ڊي اين اي جي ڪروموزوم جو مرڪز) جو جائزو ورتو ويو ته جيئن اهو ڄاڻي سگهجي ته گهرڙا ڪيتري عمر جا ٿي ويا آهن.

نتيجن مان خبر پئي ته جيڪي عورتون پنهنجو وقت گهڻو ويهي گذارڻ جون عادي آهن انهن جي جسماني عمر پنجاهه کان سٺ سالن جي عمر ۾ ئي اسي سال جي عورت جي ويجهو ٿي چڪي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.