پيوٽن جي اولهه لاءِ اک خراب”ڊونباس آزاد چاهيون ٿا“هٿيارن جو بانوَر ڪرائيندي وڏي ڌمڪي

ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن اولهه ملڪن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته روس وٽ جواب ڏيڻ جي لاءِ گهڻا هٿيار آهن ۽ اهو ڪو ڪوڙ به ناهي.

پيوٽن ٽي وي تي خطاب جي دوران جزوي روسي فوجن کي متحرڪ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته روس پنهنجي ماڻهن جي حفاظت جي لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪندو.

هن چيو ته اولهه روس خلاف جارحيت ۾ حدون اورانگهي ويو آهي. اولهه روس خلاف نيوڪليئر بليڪ ميلنگ ۾ ملوث آهي.

پيوٽن اولهه ملڪن تي تنقيد ڪندي چيو ته اولهه يوڪرين جي ماڻهن کي گولاباري جو کاڄ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، روس جو مقصد ڊونباس کي آزاد ڪرائڻ آهي.

هن اهو به چيو ته اولهه يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ امن نٿو چاهي ۽ روس يوڪرين جي علحدگي پسند علائقن جي ماڻهن کي اڪيلو نٿو ڇڏي سگهي.

پيوٽن جي جزوي روسي فوج جي متحرڪ ٿيڻ واري اعلان جي حوالي سنا روس جي بچاءَ واري وزير چيو آهي ته روس ٽي لک ريزرو فورسز کي متحرڪ ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.