ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ، بابر اعظم ٽاپ ٿري مان آئوٽ

آئي سي سي جي نئين ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ محمد رضوان جو پهرين پوزيشن تي قبضو برقراررهيو آهي پر بابر اعظم جي رينڪنگ هڪ درجو ڪري پئي ۽ هو ٽئين  کان نمبر تي هليو ويو آهي.

آءِ سي سي پاران نئين پليئرز رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، ٽي ٽوئنٽي بيٽرز ۾ محمد رضوان جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.

ڪپتان بابراعظم هڪ درجو هيٺ ٿيڻ بعد ٽين کان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.

ڏکڻ آفريقا جي ايڊن مارڪرم ٻي پوزيشن حاصل ڪئي آهي، ڀارت جو سوريا ڪماريا ديو ٽين پوزيشن تي اچي ويو آهي.

ٽي ٽوئنٽي بولرز ۾ آسٽريليا جي جوش هيزل ووڊ جي پهرين پوزيشن برقرار آهي. ڏکڻ آفريقا جي تبزيز شمسي ٻي پوزيشن ۽ انگلينڊ جي عادل رشيد ٽي پوزيشن حاصل ڪئي آهي. آل رائونڊرز ۾ شڪيب الحسن پهريون نمبر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.