سنڌ ۾ ڊينگي تي ظابطو نه آيو، وڌيڪ 323 ڪيس ظاهر

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۾ ڊينگي ڪيسن تي ضابطو نه آيو، 24 ڪلاڪن اندر صوبي ۾وڌيڪ 323 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

صحت کاتي پڌرائي موجب ڪراچي ۾ 261، حيدرآباد ۾ 46، ميرپورخاص پنج ۽ شهيد بينظير آباد ۾ ڊينگي جا ٽي ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

مٽياري، ڄامشورو، ٽنڊو الهيار ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ڊينگي جو هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ 2 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.

صحت کاتي موجب صوبي ۾ هلندڙ مهيني ڊينگي ڪيسن جو انگ 3917 ٿي ويو، هلندڙ سال صوبي اندر ڊينگي جا 6486 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.