انڌير نگري به دنگ، مستري جو هڪ مهيني جي بجلي جو بل تيرهن لک رپيا نڪتو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بجلي اچي يا نه اچي پر بجلي جو بِل هزارن کان وڌي هاڻي لکين رپيا اچي سگهي ٿو. ڀارت ۾ هڪ ٽيليويزن مستري کي لڳ ڀڳ تيرهن لک رپين جي بجلي جو بل مليو آهي.

سارا وانن نالي ٽي وي جو مستري ان وقت دنگ رهجي ويو جڏهن اِي بِي کاتي کيس جولاءِ جي مهيني جي بجلي وارو ٻارهن لک، ايڪانوي هزار، اٺ سئو پنجيتاليهه رپيا جو بِل موڪليو.

ڀارتي رياست پڊوچوري جي وشواناٿن نگر جي رهواسي ٻڌايو آهي ته هن جو پوئين مهيني جي ريڊنگ ويهه هزار ڇهه سئو ٽيهه هئي جڏهن ته هاڻوڪي ريڊنگ ٻه لک، يارهن هزار، هڪ سئو پنجاهه ڏني وئي آهي. اهڙي حوالي سان هن جولاءِ مهيني ۾ هڪ لک نوي هزار پنج سئو ويهه يونٽ استعمال ڪيا آهن.

مستري ٻڌايو ته هو ڏينهن جو ٽي ويون ٺاهڻ جو ڪم ڪندو آهي ۽ رات جو چوڪيداري ڪندو، هو پنهنجو جولاءِ مهيني جو بِل ڏسي صدمي ۾ اچي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته هو ڪرائي جي گهر ۾ رهندو آهي ۽ لڳاتار ڇهه کان ست سئو بجلي جو بل ادا ڪندو ايندو آهي پر ٻارنهن لک رپين کان وڌيڪ بِل ڏسي حيران ٿي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته هن وقت تائين اِي بي کاتي جا ڪيترائي چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آهيان پر هو پوءِ اچڻ جو چئي ٽاري ڇڏين ٿا.

هن ٻڌايو ته وٽس لڳل ريڊنگ ميٽر ۾ رڳو پنج انگ لڳل آهن، خبر ناهي بِل ۾ ڇهون انگ ڪاڏهون اچي ويون.

اهڙي خبر ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ اِي بي اختيارين ٽيڪنيڪل خرابي جو جواز ڄاڻائيندي ۽ غلطي قبول ڪندي ٻڌايو ته وشواناٿن نگر جي بل ۾ غلطي سان ٻُڙي ۾ واڌ ٿي وئي جنهن کي هاڻي صحيح ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.