ڪراچي ۾ ڊينگي سان رڳو 27 فوتگيون، سرڪاري انگن اکرن تي ماهر پريشان

صحت جي ماهرن ڪراچي ۾ ڊينگي سبب موت ٿيڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي انگن اکرن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ٻڌايو ته ڊينگي سبب موت ۽ ڪيسز جو انگ وڌيڪ آهي

هڪ رپورٽ موجب سنڌ جي صحت کاتي ڊينگي سان ٿيڻ وارين فوتگين جو جائزو وٺڻ بعد هلندڙ سال ڊينگي سبب مرندڙن جو انگ ستاويهه ٻڌايو آهي

صحت جي ماهرن صحت جي ڳڻتي جوڳي بحران جو ذميوار صوبائي حڪومت کي چوندي ٻڌايو ته ڊينگي کي سولي طريقي سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو

هنن افسوس ڪندي چيو ته حڪومت پاران گهڻن مڇرن وارين جائن تي موجوده وقت تائين ڪو به اسپري نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته بخار سان گذريل ڪجهه مهينن جي دوران شهر ۾ ڪيتريون فوتگيون ٿي چڪون آهن ۽ ڪيسز ۾ واڌارو ايندو پيو وڃي.

هنن چيو آهي ته ڳڻتي جوڳي صورتحال جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڊينگي جي ڄاڻ رڳو ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي مرڪزي ليبارٽري روزانو اٽڪل هڪ هزار نمونن جي جاچ ڪندي رهي آهي جڏهن ته پنجاهه سيڪڙو ڪيس هاڪارا ايندا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب ڊينگي بخار ۾ ٻارنهن مرد ۽ پندرنهن عورتن سميت ستاويهه ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا آهن جڏهن ته جنوري کان هن وقت تائين پنج هزار چار سو ٻيانوي ڪيسز سامهون آيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.