عشق بازي جي اجازت، گوري خان جو ڌيءَ سهانا کي انوکو مشورو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي گهرواري پنهنجي ڌيءَ سهانا جي حوالي سان هڪ انوکو مشورو ٽي وي شو دوران ظاهر ڪيو آهي.

ڪافي ود ڪرن شو جي جاري ڪيل پرومو ۾ ڪرن جوهر گوري خان کان سهاناکي ڊيٽنگ جي حوالي سان ڏنل هڪ مشوري بابت سوال ڪيو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Karan Johar (@karanjohar)

جنهن تي گوري خان ٻڌايو ته هن سهانا خان کي چيو هو ته ”ڪڏهن به هڪ ئي وقت ٻن ڇوڪرن سان ڊيٽنگ نه ڪجان“.

جنهن کانپوءِ ڪرن گوري کان ٻيو سوال ڪيو ته جيڪڏهن شاهه رخ خان سان توهان جي لو اسٽوري کي ڪنهن فلم جو ٽائيٽل ڏنو وڃي ته اها ڪهڙي فلم هوندي، جواب ۾ گوري خان چيو ته دل والي دلهنيان لي جائين گي.

جنهن تي ڪرن جوهر چيو ته اها فلم مونکي به گهڻي پسند آهي ۽ چيو ويندو آهي ته شاهه رخ خان ۽ توهان جي لو اسٽوري وڏي ڦڏن فسادن سان ڀرپور هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.