وفاقي ڪابينا ميمبرن جي انگ خلاف عدالت سان رابطو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي 72 رڪني ڪابينا ميمبرن خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 72 رڪني ڪابينا آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق هڪ جي ڀڃڪڙي آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته درخواست تي هنگامي بنيادن تي ٻڌڻي ڪئي وڃي ۽ ٻڌڻي لاءِ 23 سپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.