احتساب عدالت پ پ اڳواڻ خلاف ريفرنس واپس ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت پ پ اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اڳوڻي چيئرپرسن فرزانا راجا خلاف ريفرنس واپس موڪلي ڇڏيو آهي.

احتساب عدالت فرزانا راجا خلاف ريفرنس نيب ڏانهن واپس اُماڻي ڇڏيو.

نيب ريفرنس موجب فرزانا راجا ۽ ٻين جوابدارن تي 540 ملين جي مبينا ڪرپشن جو الزام هو.

احتساب عدالت طرفان فيصلو ڪيو ويو آهي ته نيب ترميمي ايڪٽ 2022 تحت ريفرنس اختيارن واري دائري ۾ نٿو اچي، جنهن لاءِ نيب لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.