پاڪستان ” مردا آباد“  چوندڙ افغانين کي هتي رهڻ جو حق ناهي: پي اي سي چيئرمين

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) افغان شهرين جي پاڪستان ۾ غيرقانوني موجودگي تي پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جي ميمبر ڪڙڪي پيا، نور عالم خان چيو آهي ته افغان پاڪستان رهندي پاڪستان لاءِ مردا آباد جا نعرا هڻن ٿا کين هتي رهڻ جو حق ناهي.

پي اي سي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن دوران ڪميٽي جي ميمبرن افغان شهرين جي پاڪستان ۾ غيرقانوني موجودگي تي ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن.

اجلاس دوران چيئرمين نور عالم خان چيو ته افغان شهرين کي ڪراچي جهڙي شهر ۾ کليل ڇڏيو ويو آهي، ملڪ جي هر شهر ۾ افغاني بنا دستاويزن جي ڦري رهيا آهن جيتوڻيڪ ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ افغانين لاءِ ميڪنزم موجود آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي روڊن تي پاڪستان کي گاريون ڏنيون ويون، پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان لاءِ مردا آباد جا نعرا هنيا پيا وڃن.

نور عالم خان چيو ته پاڪستان اڳ ئي وڌندڙ آبادي جهڙي سنگين مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي مٿان وري غيرقانوني ترسيل افغانين ٻار پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

پي اي سي چيئرمين چيو ته هتي جيڪو دهشتگرد پڪڙيو ويندو آهي اهو افغاني هوندو آهي، ڪراچي ۾ ڌاڙن، ڦورن ۽ چورين ۾ سڀ کان وڌيڪ افغاني ملوث آهن ۽ رڳو ڪراچي ئي نه پر پشاور ۽ اسلام آباد ۾ پڻ اهڙي ئي صورتحال آهي.

سندس چوڻ هو ته افغاني پاڪستان جي ماڻهن جا روزگار کسيا آهن ۽ وري پاڪستان ۾ رهندي پاڪستان مردا آباد جا نعرا هڻي رهيا آهن، جرئت اٿن تي آمريڪا وڃي آمريڪا مردا آباد جا نعرا هڻي ڏيکارين.

نور عالم خان چيو ته اسان پاڪستان، لبنان، عراق نٿا بڻائي سگهون، گڏيل قومن کي افغان شهرين کي ڪئمپن ۾ رکڻ لاءِ ڇو ناهي چيو ويو، يو اين کي چيو وڃي ته مردا آباد چوڻ وارن لاءِ هتي ڪائي جڳهه ناهي.

پي اي سي چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو رجسٽرڊ ناهن کين واپس پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي.

اجلاس دوران سينيٽر سليم مانڊوي والا انڪشاف ڪيو ته دبئي مان ٽي سئو اسي ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي وٽن پاڪستاني پاسپورٽ هو، جنهن تي نور عالم خان چيوته اندازو لڳايو ته پاڪستان خلاف نعريبازي ڪندڙن وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هو.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي دبئي مان ڊي پورٽ 380 افغانين جي فهرست طلب ڪري ورتي ۽ چيو ته غيرقانوني افغان شهرين کي ڪئمپن ۾ رکيو وڃي ۽ جيڪڏهن کين ڪئمپن نٿو رکي سگهجي ته واپس افغانستان موڪلين.

نور عالم خان چيو ته جئين ٻاهرين ملڪن ۾ پناهگيرن لاءِ ڪئمپ آهن هتي به ائين ئي ڪيو وڃي، پاڪستان ۾ اهي روزگار لاءِ اهل ناهن، ڇو جو هڪ ته اهي ٽئڪس ناهن ڏيندا ۽ گڏوگڏ اسمگلنگ ۾ پڻ ملوث آهن.

ان ڏس ۾ نادرا چيئرمين چيو ته سرحد پار کان ايندڙ افعانين لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي ۽ جن افغان شهرين سڃاڻپ ڪارڊز حاصل ڪيا سندن ڪارڊز رد ڪيا پيا وڃن.

نور عالم خان نادار چيئرمين ڇان سوال ڪيو  ته توهان کي خبر آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏنا ويا آهن؟ جنهن تي نادار چيئرمين چيو ته توهان وٽ افغان شهرين جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڊيٽا آهي ته اسان کي فراهم ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.